ڪراچي/رتو ديرو (رپورٽ: فقير سليم/ عبدالله ڀٽو) سنڌ جو سينيئر سياستدان ممتاز علي ڀٽو 88 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ممتاز علي ڀٽو جي نياڻي آمنه ڀٽو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ممتاز ڀٽو ڪالهه صبح جو معمول موجب ناشتو ڪيو ۽ کيس ڪجهه دير کانپوءِ ساهه ۾ تڪليف ٿي ته کيس اسپتال کڻائي وياسين، جتي طبعيت وڌيڪ خراب ٿيڻ بعد هو لاڏاڻو ڪري ويو، هوڏانهن ممتاز ڀٽو جي لاڏاڻي بعد سندس مڙهه اسپتال مان ڪلفٽن ۾ واقع سندس رهائشگاهه تي آندو ويو، جتي غسل ڏيڻ بعد رات گهر ۾ رکيو ويو ۽ اڄ صبح جو مڙهه ڪراچي کان سندس اباڻي ڳوٺ ميرپورڀٽو نيو ويندو، ممتاز ڀٽي جي لاڏاڻي واري اطلاع تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، نامياري ليکڪا نورالهدي شاهه، پي ٽي آءِ ايم پي اي جمال صديقي، راڻو خان ڀٽو سميت ٻيا ڪيترائي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ سندس رهائشگاه تي پهتا، جتي ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ممتاز ڀٽو جهڙا سياستدان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، سندس وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي، اسان جي ڪوتاهي اها آهي ته سندس حياتي ۾ هن سان اهو ٽائيم گڏ نه گذاري سگهياسين، ٻئي طرف سندس لاڏاڻي جي خبر تي ڳوٺ واري بنگلي مير پور ڀٽو ۾ ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويا، سندس جي تڏي تي رتوديرو، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، بنگل ديرو، وسايو ڀٽو، ٻوسڻ، وارثڏنو ماڇي ۽ ٻين آس پاس وارن علائقن مان مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظمين سان واسطو رکندڙ ماڻهو پهتا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو پڻ وڏو انگ موجود هو، تڏي تي آيل ماڻهن ۾ سوڳ ڇانيل هو، تڏي تي موجود ماڻهو هڪٻئي سان ڳلي ملي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا، جڏهن ته سوڳ ۾ ميرپور ڀٽو، نئون نديرو ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو، تڏي تي ممتاز ڀٽو جو وڏو پٽ امير بخش ڀٽو، عامر ڀٽو سميت خاندان جا ٻيا فرد موجود آهن.