ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اداڪار فيروز خان ٻارن سان ملاقات ۽ حوالگي لاءِ فيملي ڪورٽ ايسٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت فيروز خان جي درخواست تي سندس اڳوڻي زال عليزه فاطمه  ۽ ايس ايڇ او گلستان جوهر کي به نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ايس ايڇ او ڄاڻايل ايڊريس تي وڃي تصديق ڪري ته ٻار اتي موجود آهن يا نه؟ جيڪڏهن ٻار گلستان جوهر ٿاڻي جي حد ۾ رهيل آهن ته انهن کي 21 سيپٽمبر تي پيش ڪيو وڃي.  اداڪار فيروز خان جي وڪيل فائق جاگيراڻي موقف اختيار ڪيو ته فيروز خان پنهنجن ٻارن محمد سلطان ۽ فاطمه سان ملاقات جي درخواست داخل ڪئي آهي.