ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ مولهڻ مان هڪ هفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 2 معصوم ٻارڙن وليد سهتو ۽ غلام عباس سهتو جي ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار غلام سرور خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ڊي ايس پي ڀريا عبدالستار اڄڻ ۽ ايس ايچ او ٺاروشاھ اشرف ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 2معصوم نينگرن کي جوابدار مريد خاصخيلي جي ٽولي اغوا ڪري وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو هئو، جنهن بعد ڪارروائي ڪري ٻارڙا بازياب ڪرايا هئا، اڄ ڪارروائي ڪري مک جوابدار غلام سرور خاصخيلي کي گرفتار ڪيو آھي، جلد ٻيا به جوابدار به گرفتار ڪيا ويندا.