وزيراعظم سان جي ڊي اي وفد جي ملاقات، سنڌ حڪومت خلاف شڪايتون

0
540

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان وفاقي وزير فهميده مرزا جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ غوث بخش مهر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ هئا. جي ڊي اي جي وفد پاران وزيراعظم کي بجيٽ جي منظوري ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ويو. فهميده مرزا سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن سان حڪومت جي ناروا سلوڪ جو معاملو اٿاريو ويو. فهميده مرزا جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي، وفاق ۾ اپوزيشن کي مڪمل وقت ڏنو ويندو آهي ، پر سنڌ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ناهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار جي اپوزيشن سان بدسلوڪي قابل مذمت آهي، اهو رويو قبول نه ڪنداسين،سنڌ ۾ ماڻهن کان سهولتون کسيون پيون وڃن، هاڻي وڌيڪ خاموش نه رهنداسين.