گھوڙاٻاري (ن پ ا ) گھوڙاٻاري   جي رورل ھيلٿ سينٽر ور شھر ۾ دوائن جي مسلسل کوٽ ۽ انتظاميا خلاف   شھرين ۽ پيرا ميڊيڪل عملي ڊاڪٽرن  سان گڏجي احتجاج ڪيو ۽ اسپتال جي  او پي ڊي بند ڪري  گيٽ اڳيان مظاھرو ڪيو،   اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ ، ڊاڪٽر پرشاد ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻ محراب پنھور، عبدا الله خواجا، عالم شاھ شھرين محمد خان چانڊيو ۽ ٻين چيو مرف انتظاميا ھٿ وٺي اسپتال کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي. شھرين چيو ته موجوده پاڻي جي بحران سبب ڳوٺاڻا کڏن کوٻن جو گندو پاڻي  پيئڻ ڪري گيسٽرو جي خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن ساحلي پٽي جي سمورن ڳوٺاڻن جو رخ  رورل ھيلٿ سينٽر ور ڏانھن آھي پر ھتي پھچڻ سان علاج بجاء وڌيڪ پريشاني جو منھن ڏسڻو پوي ٿو  ھتي علاج نالي ڪاري وارا ڪک آھن. سرنج به بازار جي اسٽورن مان وٺڻي پوي ٿي. پر مرف انتظاميا جي ڪن تي جون به نٿي سري ، جنھن ڪري گھوڙاٻاري ، ساڪرو ، گيل موري ، پير پٺو ، غلام  الله ، سانولپور سميت مختلف شھرن کان ايندڙ مسڪين مريض علاج نه ٿيڻ ڪري دربدر ٿي واپس ڳوٺ وڃن ٿا  ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ چيو ته دوائن جي کوٽ بابت باربار مرف انتظاميا کي ليٽر لکيا ويا آھن پر انتظاميا اسان جي ڳالھ ٻڌڻ لاء تيار ناھي  اسپتال ۾ لڳاتار دوائن جي پيدا  ٿيل کوٽ سبب اسپتال ۾ ايندڙ  مريض اسپتال جي عملي سان جھيڙو بدتميزي  ڪن ٿا.