اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري وياج تي نجي قرضن تي پابندي جي بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بل ذريعي نجي طور تي وياج تي رقم ڏيڻ تي پابندي ۽ وياج جي ڏي وٺ تي پابندي لڳائي وئي آهي،  جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2022ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بل ذريعي پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٻنهي بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.