براسيليا(م ڊ) لاطيني آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ مذهبي رجحان رکندڙ صدر جائيربولسونارو جي حامين صدارتي چونڊ ۾ سندس شڪست قبولڻ کان انڪار ڪندي ملڪ ۾ هنگاما ڪري ڏنا آهن ۽ پارليامنٽ تي حملا ڪيا ويا آهن. هنن صدر لولا ڊي سلوا کان استعيفا جو مطالبو به ڪيو آهي. ڪالهه راڄڌاني ۾ هزارين حامي رستن تي نڪري آيا ۽ رستا بند ڪري پارليامينٽ طرف وڌيا. هنن پارليامنٽ تي حملو ڪيو ۽ پارليامينٽ ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي. پوليس کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي. ۽ پارليامينٽ وارو علائقو سيل ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن صدر لولا ڊي سلوا کان استعيفا جو مطالبو ڪيو. صدر احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جو حڪم ڏنو آهي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ صدارتي محل تي به حملو ڪيو. ميڊيا موجب 300 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.