وفاقي سرڪار: چونڊن بابت سُپريم ڪورٽ جو حڪم آئين جي ڀڃڪڙي قرار

0
245
سُپريم ڪورٽ جو حڪم آئين جي ڀڃڪڙي قرار
وفاقي سرڪار: چونڊن بابت سُپريم ڪورٽ جو حڪم آئين جي ڀڃڪڙي قرار

پنجاب جي نگران حڪومت ۽ وفاقي سرڪار چونڊن بابت سُپريم ڪورٽ جي حڪم کي اختيارن جي آئيني ورڇ جِي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو

ٻنهي حڪومتن پاران سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ فوري چونڊن جي مخالفت ڪئي وئي آهي

وفاقي سرڪار جواب ۾ چيو آهي ته آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، سُپريم ڪورٽ پاڻ چونڊن جي تاريخ ڏئي اي سي پي جي اختيارن کي بي اثر ڪيو آهي

پنجاب جي چيف سيڪريٽري پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته 14 مئي تي چونڊن جي تاريخ ڏئي اختيارن جي آئيني وِرڇ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، چونڊن جو پروگرام تبديل ڪرڻ وارو اختيار به اليڪشن ڪميشن وٽ آهي

 پنجاب سرڪار جواب ۾ وڌيڪ چيو ته 2 مئي جي واقعن بعد صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي، عمران خان جي گرفتاري بعد سول ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو

 وفاق ۽ پنجاب سرڪار پاران فوري چونڊن واري عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي وئي آهي

هن کي به پڙهندا

ڀارت جيتري چانهه پيئڻ گهري ٿو ته پيئارينداسين، پر ڪشمير نه ڏينداسين: بلاول

عمران ڀلي عدالتي ڪميشن چئلينج ڪري، حڪومت جاچ کان پوئتي نه هٽندي: خواجه آصف

چوڌري وجاهت حسين جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان