چوڌري وجاهت حسين جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

0
170
چوڌري وجاهت حسين جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان
چوڌري وجاهت حسين جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

لاهور: 9 مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ جون وڪيٽون ڪِرڻ جو سلسلو جاري آهي، اڳوڻي ايم اين اي چوڌري وجاهت حسين پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 لاهور ۾ چوڌري وجاهت حسين چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات بعد ق ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

 چوڌري وجاهت حسين چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ڇڏي واپس ق ليگ ۾ شامل ٿيو آهيان، 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ تي پابندي نه لڳڻ گهرجي

 پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير سعيد الحسن به پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي ويو، سعيد الحسن چيو آهي ته منهنجي تڪ جو عوام 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿو، ان واقعي بعد پي ٽي آءِ سان گڏ نٿو هلي سگهان

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار

تحريڪ انصاف جون وڌيڪ 3 وڪيٽون ڪري پيون، ايم اين اي روئي ڏنو