عمران ڀلي عدالتي ڪميشن چئلينج ڪري، حڪومت جاچ کان پوئتي نه هٽندي: خواجه آصف

0
153

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان عدالتي ڪميشن کي ڀلي چئلينج ڪري، حڪومت آڊيو ليڪس جي جاچ کان پوئتي نه هٽندي، آڊيوز ليڪس جي جاچ لاءِ عدالت ڪميشن ڪابينا پاران جوڙي وئي آهي

هن چيو ته ڪميشن جي ٽي او آرز ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، جنهن کي چئلينج ڪري سگهجي، آڊيو ليڪس جو سلسلو جاري آهي، ممڪن آهي اڳتي به ائين ٿئي، آڊيوز ۾ اهم شخصيتن ۽ عهديدارن جي ڳالهه ٻولهه آهي

بچاءَ واري وزير چيو ته آڊيو ليڪس جا اصل چهرا عوام آڏو اچن ته سٺي ڳالهه آهي، حڪومتي نيڪ نيتي سان آڊيو ليڪس جي جاچ جو قدم کنيو آهي، جاچ کي سبوتاز ڪرڻ جو مطلب سياست ۾ شفافيت کي روڪڻ آهي

واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل عدالتي ڪميشن جي قيام کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو اهي

هن کي به پڙهندا

عمران خان آڊيو ليڪس ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو