ڀارت جيتري چانهه پيئڻ گهري ٿو ته پيئارينداسين، پر ڪشمير نه ڏينداسين: بلاول

0
285
مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرائي ان جو الزام بينظير جي خاندان مٿان هنيو ويو: بلاول
مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرائي ان جو الزام بينظير جي خاندان مٿان هنيو ويو: بلاول

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي، پاڪستان جو نالو ڪشمير کانسواءِ اڻپورو آهي

پرڏيهي وزير آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو ته، ڀارت جيتري چانهه پيئڻ گهري ٿو ته پيئارينداسين، پر ملڪ جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو، ڪشمير مسئلي تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 75 سالن کان ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلي کان محروم ڪيو ويو آهي، ڀارت دُنيا کي باوَر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته ڪشمير تي ڪو تڪرار نه آهي

هن چيو ته ڪشمير بابت ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري هڪطرفي قدم جي مخالفت ڪريون ٿا، آئون هتي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ آيو آهيان

 اُن کان اڳ وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ صدر، وزيراعظم ۽ اسپيڪر سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير کي سرينگر ۾ جي ٽوئنٽي اجلاس خلاف ڪشميري عوام جي خدشن توڙي ڪاوڙ بابت آگاهي ڏني وئي

هن کي به پڙهندا

بلاول ٽن ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير پهچي ويو، ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آيو آهيان: پرڏيهي وزير