ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سي ايم هائوس جي آفيسر ثابت علي سااهه خلاف زمين تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته  سيد ثابت علي شاهه خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي، کيس هراسان ڪيو پيو وڃي، اسان جو موقف ٻڌو وڃي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي، توهان انڪوائري ۾ پنهنجو موقف ٻڌايو ، اسان پوءِ ڏسنداسين، عدالت انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،  واضح رهي ته گلستان جوهر ۾ پلاٽن تي قبضي خلاف وزيراعليٰ هائوس جي آفيسر خلاف درخواست داخل ٿيل آھي.