ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪر اچي جي پريڊي پوليس طرفان رات دير سان  گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻ سبحان علي ساحل کي جوڊيشل مئجسٽريٽ ضابطه فوجداري جي قلم 63 تحت آزاد ڪري ڇڏيو، عدالت سبحان ساحل کي ٽن لکن جي ماليت جو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو،  ان ڏس م پوليس نفرت ڦهلائڻ واري تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي گرفتار ڪري ڏکڻ جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي سرڪاري وڪيل سراج ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته اهڙين تقريرن ​​جا ڪيس اي ٽي سي ڏانهن ويندا آھن، پي ٽي آءِ اڳواڻ ريلي دوران حساس اداري جي نالي کي غلط طريقي سان استعمال ڪيو، سبحان ساحل وزيراعظم، گهرو وزير ۽ حساس اداري خلاف تقرير ڪئي، جنهن تي جوابدار جي وڪيل جو چوڻ هو ته هن حساس اداري جو نالو نه  کنيو هو، پوليس حڪومت کان پڇڻ کانسواءِ اهڙي ايف آءِ آر داخل نٿي ڪري سگهي. عدالت ڪيس ختم ڪرڻ متعلق درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي آزاد ڪري ڇڏيو، انهي کان اڳ حليم عادل شيخ درخشان ٿاڻي تي پهچي سبحان ساحل سان ملاقات ڪئي.