اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سرڪاري تقريبن ۾ اردو ٻولي استعمال ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي، وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم سمورن وفاقي سيڪريٽريز ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز کي ليٽر جاري ڪندي سمورين سرڪاري تقريبن ۾ اردو ٻولي استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ليٽر ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته وزيراعظم لاءِ منعقد ٿيندڙ تقريبون قومي ٻولي اردو ۾ مرتب ڪيون وڃن.