يروشلم (م ڊ) اولهه ڪناري ۾ نئين اسرائيلي آبادڪاري خلاف فلسطينن جو احتجاج، فورسز جي فائرنگ ۽ شيلنگ ۾ 27 مظاهرين زخمي ٿي پيا، والاريل بيت المقدس ۾ بي دخلي کي منهن ڏيندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندڙ شهرين تي به اسرائيلي فورسز حملو ڪري ڏنو، فائرنگ ڪري 23 ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو.