ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار حمد الله محب کي کرو جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تي الزام لڳائيندي شرم ڪريو، زبان بند ڪريو نه ته پاڪستان توهان ڳالهائيندو به نه، نه وري ڪو پاڪستان هٿ ملائيندو. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغانستان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار پاڪستان خلاف جڏهن کان زهر اوڳاڇيو آهي، رت ٽهڪي رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ ڳري قيمت ڀري آهي، هن چيو ته افغان قومي سلامتي جو صلاحڪار امن دشمن ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امن جي قيام ۾ رنڊڪ وجهي رهيو آهي، بهتر هوندو ته پنهنجو رويو سڌاري.