ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو پنجاب واسي زميندار ڪينسر کان تنگ اچي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. ورڪشاپ ويجهو چڪ نمبر نو بي ۾ پنجاب واسي 40 سالن جي زميندار ظفر جٽ ڪافي وقت کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙي رھيو ھو جنهن مرض کان تنگ ٿي پنهنجي گهر جي ڪمري اندر پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ظفر جٽ ڪافي وقت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ھئڻ سبب ڪافي پريشان رھندو ھو. ھو ڪجهه ئي ڏينهن اڳ سنڌ آيو ھو جتي ھو پنهنجي زرعي زمين تي ترسيل ھو جتي کيس پنهنجو ڀائٽيو وٺڻ پڻ آيل ھو پر ان پنجاب ھلڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي گهر جي ڪمري کي دروازو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي اھڙو اطلاع منگلي ٿاڻي تي ڏنو ويو منگلي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جنهن کانپوءِ ضروري ڪارروائي لاءِ لاش سول اسپتال سانگهڙ نيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي پنجاب روانا ٿي ويا.