جهڏو(ن پ ا) جهڏو ۾ پگهار بند هجڻ تان تعليم کاتي جي ڪلارڪ پاران زهر پي آپگهات جي ڪوشش، جهڏو لڳ ڳوٺ پونجو ڀيل جي هاءِ اسڪول ۾ تعليم کاتي جي ڪلارڪ جگديش پٽ سانوڻ ڀيل زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن فوري طور آر ايچ سي جهڏو منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد ڏئي حياتي بچائي ورتي، آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ جگديش جو چوڻ آهي ته گذريل 12 مهينن کان پگهار بند آهي جنھن جون مون آفيسرن کي شڪايتون پڻ ڪيون آهن پر پگهار جاري نه ٿي ڪئي وڃي مسلسل پگهار بند هجڻ ڪري معاشي بدحالي کان تنگ ٿي اهڙو قدم کنيو آهي.