اوٻاوڙو (ن پ ا ) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ ھسوڊو ۾ نوجوان فاروق احمد عرف ببلو پٽ محمد عيسو شيخ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل نه وٺي ڏيڻ تي پيءُ کان ناراض ٿي پنهنجي ڳچي ۾ رسو ٻڌي پکي ۾ ٽنگجي ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، لاش اوٻاوڙو پوليس کڻائي اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب ته واقعو خودڪشي جو ٻڌايو پيو وڃي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.