وارهه (رپورٽ: اياز چانڊيو) وارهه  ۾ ٻوڏ بعد مختلف بيمارين ۽ حادثن ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي چڪا، ڪيترائي معصوم ٻار ۽ وڏا بيمار، صحت کاتي تحرڪ نه ورتو، ان ڏس ۾  وارهه ۾   مسلسل گندو پاڻي بيهڻ سبب مختلف بيمارين گيسٽرو، ٽائفائيڊ،مليريا ۽ ڳلي جون بيماريون عام ٿي ويون آهن، جڏهن ته رليف ڪئمپن توڙي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪئمپون قائم ڪري روڊن رستن تي رهندڙ سوين  متاثرين جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آھن، گڏ ڪيل معلومات موجب گذريل ٻن هفتن دوران  رليف ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرين ۾ مختلف بيمارين سبب 5 ورهين جي دعا خاصخيلي، 12 ورهين جو گل محمد کٽياڻ، 18 ورهين جي سندس ڀيڻ سوهانا کٽياڻ،6 ورهين جو فهد گورگيج، صدوران گورگيج، راحيلا گورگيج،عرفان گورگيج،ڌڱاڻو ٻگهيو،جبران  ٻگهيو،خيران کرل سميت 11 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن،  جڏھن ته ٻوڏ جي پاڻي سبب گهاڙ ڊرين ۾ ٻڏي وڃڻ سبب 8 ورهين جو حسنين کهاوڙ، نصيرشاخ ۾ ٻڏي وڃڻ سبب حضور احمد چولياڻي، ابوهريرچولياڻي فوت ٿيا،ڳوٺ ميد شھيد ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ معصوم نينگر طيب لاشاري ۽ غلام نبي لاشاري ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن،  جڏھن ته گهر جي ڇت ڪرڻ جي واقعن ۾ 13 ورهين جي نينگري قبريٰ جج، عبدالرحمان چانڊيو ۽ صحبت سوڍرفوت ٿي چڪا  آهن،  فوت ٿيلن جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آھي، جڏھن ته سرڪاري توڙي پنهنجي مدد پاڻ تحت متاثرين پاران قائم ڪيل ڪئمپن ۾ 400  کان وڌيڪ ننڍا ٻار توڙي پيرسن گيسٽرو، مليريا، چمڙي جي بيمارين ۽ ڳلو سڄي وڃڻ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جن جي علاج لاءِ صحت کاتي پاران جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ويا، ان حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن  نياز حيدري،عرفان منان،ياسين ٻگهيو،جبار گورگيج،غلام حسين لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته انتظامي لاپراهي سبب وارهه شهر کي ٻوڙيو ويو،  پاڻي کي رستو نه ملڻ سبب يوسي ڪلر،کنڊو،ميرپور.حمل جوڻاڻي،نورآباد، وارهه  آباد سميت پوري تعلقي جا سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، پاڻي کي وقت سر  رستو نه ملڻ سبب وارهه شھر جا 8 وارڊ ٻڏي ويا آهن،   هنن چيو ته  ٻوڏ سبب  تعلقي جا 2 لک 70 هزار ماڻھون متاثر ٿيا آھن،  هزارين ماڻھون ٻين شھرن طرف لڏ پلاڻ ڪري  چڪا آھن، علائقن مان اڃا تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن، سندن واهر ڪئي وڃي. ٻئي طرف مختيارڪار وارهه  وحيد تنيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته چارج وٺندي 2 ڏينهن ٿيا آھن،  انگ اکر هٿ ڪري سمورن فوت ٿيل متاثرين جا تفصيل ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرايا ويندا، جڏھن ته ايم ايس وارهه  ڊاڪٽر امام علي تنيو چيو ته صحت کاتي جي طرفان طبي ڪئمپن جو سلسلو جاري آھي.