حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي هوسڙي ڀرسان ڳوٺ رئيس مجو چانگ مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري شگفته بازياب ٿي پنهنجي گهر پهتي آهي. پوليس ناري جي اغوا ۽ بعد ۾ بازيابي بابت جاچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ناري جي پيءُ عبدالودود جو چوڻ آهي ته سندس ناري کي بااثر ماڻهن اغوا ڪيو ۽ ساڻس جنسي زيادتي به ڪئي وئي. اهڙو فرياد سيري ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو پر سيري پوليس معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ کي 5 سيپٽمبر تي گهر مان اغوا ڪيو ويو. ڌيءُ کي زيادتي بعد بدين کان اڳيان شادي لارج واري علائقي ۾ ڦٽو ڪيو ويو. اهڙو اطلاع سيري پوليس کي ڏنو ويو پر سيري پوليس معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن مطالبو ڪيو ته ساڻس ٿيل ناانصافي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.