لاهور (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ جو ڪيس فل ڪورٽ  آڏو رکيو وڃي، 2015ع ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ قرار ڏنو هو ته پارٽي جو سربراهه کي اختيار حاصل آهي، هڪ ئي معاملي ۾ ٻه تشريحون نٿيون ٿي سگهن، فل ڪورٽ هن معاملي کي ڏسندي ته مونجهارا سدائين لاءِ ختم ٿي ويندا. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان صدر مملڪت کي چئي سپريم ڪورٽ ريفرنس موڪليو هو ريفرنس ۾ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو چيو ويو، اهو ڪيس ٻڌڻي هيٺ هو ڪوشش ڪئي وئي ته ان حڪم تي اسٽي ورتو وڃي انهي دوران پنجاب ۾ وزيراعليٰ جي چونڊ ٿي وئي، حمزه شهباز وزيراعليٰ بڻجي ويو ۽ مخالفن حصو نه ورتو. اعظم نذير تارڙ چيو ته چوڌري شجاعت جو ليٽر عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو، اسد عمر جو ليٽر موجود آهي جنهن ۾ عمران خان جي هدايت آهي ته ق ليگ کي ووٽ ڏنو وڃي، ق ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪٿي ٿيو؟ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ آئيني ۽ قانوني آهي، جنرل سيڪريٽري ذريعي خط آيو جنهن ۾ عمران خان جي چوڻ تي اسان جا 25 ووٽ گهٽ ٿيا چوڌري شجاعت ق ليگ کي چيو ته حمزه کي ووٽ ڏيو. هن چيو ته ڪيس جي اهميت کي سامهون رکندي فل ڪورٽ جوڙڻ گهرجي معاشري جو هر طبقو فل ڪورٽ ويهارڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ بار جا 5 اڳوڻا صدر به فل ڪورٽ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، سول سوسائٽي به اهو ئي مطالبو ڪري ٿي.