اسلام آباد (بيورو رپورٽ+ م ڊ) نواز ليگ اڳواڻن چيو آهي ته وڌيڪ مداخلت برداشت نه ڪنداسين، پاليسيون ٺاهيندڙ پهرين پنهنجي غلطي تسليم ڪن،  وفاقي وزير جاويد  لطيف چيو ته اڄ ڪيترين ئي ڌرين طرفان نرم مداخلت جا آواز اٿي رهيا آهن، ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته سياسي جماعتن کي چونڊن تي راضي ڪري سگهجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، رات جي وقت سپريم ڪورٽ جون ڀتيون ٽپيون ويون، ان کي جذبن جو اظهار قرار ڏنو پيو وڃي ته نواز ليگ تي سپريم ڪورٽ تي حملي جي الزام تي معافي گهري وڃي. هن چيو ته پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن کي سوچڻو پوندو، اڳ ۾ پنهنجي ٿيل غلطي تسليم ڪن پوءِ ڀلي قومي مفاد جي ڳالهه ڪن. جاويد لطيف مطالبو ڪيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي فل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وڃي ۽ نواز شريف جي سڀني اپيلن کي فوري طور ٻڌو وڃي. وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته وڌيڪ مداخلت برداشت نه ڪنداسين.