ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ هلندڙ سال ماڻهن کي ڪتن جي ڏاڙهڻ جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن، نجي ٽي  وي جي پروگرام ۾ ملڪ اندر ڪتن هٿان ماڻهن جي ڏاڙهجڻ جا انگ اکر سامهون آيا آهن، انگ اکرن موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 1 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪتن جي ڏاڙهجڻ جو شڪار ٿيا، پنجاب ۾ به تقريبن هڪ لک ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهيو، ڪي پي ڪي ۾ 27 هزار ماڻهن کي ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا، پروگرام ۾ سنڌ ريبيز ڪنٽرول پروگرام جي ڊائريڪٽر افضال زيدي ڳالهائيندي چيو ته رولو ڪتن کي مارڻ مسئلي جو  مستقل حل ناهي، ڊي جي هيلٿ پشاور ڊاڪٽر شاهين آفريدي چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ ڪي پي ۾ ڪيسن ۾ اضافو ناهي ٿيو، صوبي ۾ ويڪسين جي هاڻ ڪابه کوٽ نه آهي، سماجي ڪارڪن ۽ اداڪار ٽيپو شريف چيو ته اسٽرير لائيزيشن ئي ڪتن جي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جو واحد حل آهي، مسئلي جي حل لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن.