لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار سيڪيورٽي لاءِ خراب گاڏيون ڏيڻ تي ٻيهر هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. عثمان بوزدار طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ پنجاب حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب حڪومت سيڪيورٽي لاءِ خراب گاڏيون ڏنيون ويون آهن، حڪومت قانون موجب سيڪيورٽي ۽ ملازمن فراهم نه پئي ڪري. عثمان بوزدار پنهنجي درخواست ۾ حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ ملازم فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.