ڪراچي: سنڌ اطلاعات کاتي پاران سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اشتهارن جي شفافيت، احتساب ۽ ذميواري لاءِ اشتهاري پاليسي 2021ع جو مسودو پيش ڪيو ويو، جنهن جي ڪابينا منظوري ڏني، نئين پاليسي هيٺ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اشتهار معيار، ريگيولرٽي، فريڪيونسي، مقبوليت، سرڪيوليشن، ويوئرشپ، مارڪيٽ جي اندازي، ريٽنگ، رينڪنگ، سروي، آئوٽ ريچ ۽ ميڊيا آئوٽ ليٽس جي اثررسوخ جي بنياد تي جاري ڪيا ويندا. اشتهاري پاليسي جي ڊرافٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جي اشتهارن جو مقصد عوامي دلچسپي جي مختلف معاملن تي عوام کي باخبر رکڻ آهي. ان ۾ عوامي حقن، فرضن، سهولتن، ذميوارين، حڪومت جي پاليسين، فيصلن، پروگرامن، خدمتن وغيره جي ڄاڻ جي فراهمي، عوام کي حڪومتي فيصلن ۾ شموليت، خطرن کان آگاهي، سرڪاري پاليسي جا مقصد ماڻڻ ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بابت آگاهي شامل آهي. حڪومتي اشتهار شفافيت سان جاري ڪيا ويندا، نئين ميڊيا جي اثر مان فائدو حاصل ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ جي 2018ع واري فيصلي تي عمل ڪيو ويندو. مسودي موجب اشهتار پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڏنا ويندا، ساڳي اهميت وارن ميڊيا ادارن کي برابري جي بنياد تي اشتهار جاري ڪيا ويندا، ننڍن ۽ نون ميڊيا ادارن کي به پنهنجي حصي موجب اشتهار ملندا، انهن اخبارن، رسالن ۽ پيرياڊيڪلز ۾ اشتهار ڏنا ويندا جن وٽ ڊڪليريشن، اي بي سي سرٽيفائيڊ، ميڊيا لسٽ، ريگيولرٽي هوندي، جن جي آفيس حقيقي معنيٰ ۾ قائم هوندي، فنڪشنل ويب پورٽل هوندو، گهٽ ۾ گهٽ 5 ملازم بينڪن وسيلي پگهارون کڻندا هوندا اهي ملازم مالڪ، اجير ۽ پبلشر کانسواءِ هجڻ گهرجن. اي پي اين ايس، سنڌ نيوزپيپر سوسائٽي، سي پي اين اي ۽ پي بي اي جو ميمبر هجڻ گهرجي، اين ٽي اين نمبر هجڻ گهرجي، چينل جي صورت ۾ پيمرا وٽ رجسٽريشن هجڻ گهرجي. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ نظريي جي مخالف، اسلام ۽ سنت خلاف، مذهبي، فرقيواراڻي، نسلي ۽ برادري سطح تي نفرت پکيڙيندڙ، آرمڊ فورسز جي توهين ڪندڙ، جمهوري ۽ آئيني حڪومت کي ڇيهو رسائيندڙ، پرڏيهي ملڪن سان ناتن کي ڇيهو رسائيندڙ، فحش، غيراخلاقي مواد، توهين عدالت ۾ سزا کائيندڙ، امن امان ۾ خلل وجهڻ جو ڏوهاري، ڏوهن کي هٿي ڏيندڙ، لاڳيتو نه نڪرندڙ، آف لائن يا معطل اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ بليڪ لسٽ يا سزا کاڌل ميڊيا ادارن کي اشتهار نه ڏنا ويندا. مسودي ۾ اشتهار جاري ڪرڻ جي پاليسي ٻڌائي وئي آهي ته اشتهار سرڪاري کاتن، آفيس يا اداري جي درخواست تي جاري ڪيا ويندا، ٽينڊر جا اشتهار انگريزي، اردو ۽ سنڌي جي سڀ کان وڌيڪ سرڪيوليشن رکندڙ هڪ هڪ اخبار ۾ شايع ٿيندا، پر انهن جي انگ ۾ مختلف سببن کي نظر ۾ رکي 6، 9 تائين اضافو ڪري سگهبو. اشتهارن تي ڪيو آر ڪوڊ به لڳايو ويندو، ڪو به سرڪاري ادارو پنهنجو پاڻ انفارميشن کاتي سان رابطو ڪرڻ کانسواءِ اشتهار جاري ڪري نه سگهندو. انهن جي رقم جي ادائگي به اشتهارات جي ڊائريڪٽوريٽ ڪندي، هر کاتو اشتهار جاري ڪرڻ کان اڳ ان جي مڪمل چڪاس ڪندو.حڪومت پاڪستان جا جاري ٿيل اگهه لاڳو ٿيندا. اشتهار ڏيڻ لاءِ اشتهاري ايجنسي جي چونڊ هڪ سال اڳ ڪئي ويندي، جنهن جا شرط به بيان ڪيا ويا آهن. ڇپيل اشتهار جي رقم ادا ڪرڻ لاءِ ميڊيا ادارا ٽن ڏينهن ۽ اشتهاري ايجنسيون 7 ڏينهن اندر بل جمع ڪرائينديون، اهي بل رقم ادا ڪندڙ اداري وٽ 7 کان 15 ڏينهن اندر جمع ٿيندا. ميڊيا ادارن کي ايجنسين وسيلي مليل اشتهارن جي 80 سيڪڙو رقم سڌي ريت، 15 سيڪڙو اشتهاري ايجنسي، سڌي ريت ڏنل اشتهارن جي رقم 100 سيڪڙو ميڊيا ادارن کي منتقل ڪئي ويندي. رليز آرڊر کانسواءِ ڪا به اخبار اشتهار شايع نه ڪندي، سنڌ حڪومت جا اشتهار سمورن ايڊيشنز، اسٽيشنن، اي ايڊيشنز، آرڪائيوز ۽ ڊجيٽل رڪارڊ ۾ شايع ڪيا ويندا، انهن اشتهارن جي آڊٽ به ڪري سگهبي. اشتهاري ايجنسي، کاتي ۽ ميڊيا اداري ۾ ڪو تڪرار هوندو ته اهو سنڌ حڪومت جي قانونن تحت حل ڪيو ويندو جنهن جي اپيل چيف سيڪريٽري وٽ ڪري سگهبي ۽ ان جو فيصلو آخري هوندو. اها پاليسي پهرين جولاءِ 2021ع کان لاڳو ٿيندي.