ڪراچي: سنڌ ڪابينا فاريسٽ ايڪٽ جي سيڪشن 26 ۽ 63 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته فرانزڪ لينڊ تي فصل پوکڻ زمين جو غلط استعمال ڪرڻ برابر آهي، سنڌ ڪابينا جنوري 2019ع ۾ ايگرو فاريسٽري پاليسي 2004ع ختم ڪري ڇڏي هئي پر ٻيلي کاتي جي زمين جا اڳوڻا ليز هولڊر زمين خالي نه پيا ڪن، سرڪار پاران قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن کي تيز ڪيو ويو آهي، ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته هن وقت تائين 39 هزار 275 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته 2 لک ايڪڙ زمين خالي ڪرائڻي آهي، جنهن لاءِ آپريشن جاري آهي. ڪابينا فاريسٽ ايڪٽ جي سيڪشن 26 ۽ 63 ۾ ترميم جي منظوري ڏيندي چيو ته هاڻ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي جي صورت ۾ 14 سال ٽيپ ۽ ڏيڍ لک رپيا في ايڪڙ ڏنڊ جي تجويز آهي، ان حوالي سان ڪابينا فاريسٽ، آبپاشي ۽ ايڪسائيز وارن وزيرن ۽ قانون واري صلاحڪار تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي، جيڪا قانون ۾ ترميم تي غور ڪري ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪندي.