هالا (ن پ ا) مٽياري ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مٽياري عوامي اتحاد ۾  شامل مختلف سياسي سماجي پارٽين جسقم، جماعت اسلامي، جي يو آئي، فنڪشنل ليگ، نواز ليگ، ايس يو پي طرفان هالا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ايس يو پي، فنڪشنل ليگ، جسقم، جماعت اسلامي، جي يو آئي، نواز ليگ ۽ ٻين پاران گڏيل طور تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. هالا پريس ڪلب آڏو احتجاجي ريلي ۽ مظاهري دوران سخت نعريبازي ڪندي بدامني کي ٻنجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو اڳواڻن نصير احمد ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو ، فقير محمد لاکو ، غلام مصطفيٰ رند ، شڪور ناز خاصخيلي, منور شاھ ، صاحب ڏنو ورياه ۽ ٻين چيو ته ضلعي اندر عوام غير محفوظ بڻيل آهي چوري ۽ ڦر لٽ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ضلعي اندر انتظاميا نالي ڪا به شي ناهي اسان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسون، ضلعي اندر امن امان جي بحالي لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي ضلع اندر وڌندڙ بدامني جو فوري نوٽيس وٺي چوري ۽ ڦرلٽ جي واقعن کي ٻنجو ڏنو وڃي، ان موقعي تي اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بدامني جو نوٽيس نه ورتو ويو ته قومي شاهراه تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويندو.