ڄام شورو(رپورٽر)سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“پير حسام الدين راشديءَ  جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پير حسام الدين راشديءَ جو ڳاڻيٽو تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي دنيا جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو، جن جي نگاهه عام انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته پير حسام الدين راشديءَ تاريخ جي دنيا ۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته  پير حسام الدين راشديءَ جو اهو ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻيندو هيو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي، مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته پير حسام الدين راشدي حقيقتن جو تلاشي ۽ ڪوڙ جو دشمن، ٻٽي پاليسي کان نفرت ۽ سامهون تنقيد سان محبت هيس. جديد نظرين جو مالڪ پاڻ عالم ۽ عالمن جو قدر دان هيو،  پاڻ فارسي، عربي ۽ اردو زبان جو عالم هيو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته پير حسام الدين راشدي جهڙو عالمي معيار جو سنڌي تاريخدان يا محقق گذريل هڪ صدي ۾ پيدا ڪو نه ٿيو آهي ۽ اهو خال اڃا تائين خالي آهي.