اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي خودمختياري ختم ڪرڻ جوفيصلو، ذريعن مطابق هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي قيام جي آرڊيننس 2002ع ۾ ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ترميم ذريعي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي اعليٰ اختياراتي خودمختيار فورم بدران وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق ڪميشن جي 18 رڪني خودمختيار فورم ۾ صوبن جي نمائندگي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ميمبرن جو تعداد 10 تائين محدود ٿي ويندو، ذريعن مطابق هائير ايجوڪيشن ڪميشمن ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ميمبرن بدران وفاقي حڪومت ڪندي، ترميمن تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي ملازمت جو مدو 4 سالن مان گهٽ ڪري 2 سال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تجويز ڪيل ترميمن تحت تعليم جو وفاقي وزير ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جي صورت ۾ چيئرمين کي ڪنهن به صورت ۾ رٽائر ڪري سگهي ٿو. هيڪ جي خودمختياري ختم ڪري وفاقي تعليم وزارت جي ماتحت ڪيو ويندو، ذريعن مطابق ترميم کان پوءِ وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو ڪنٽرولنگ اٿارٽي هوندو ۽ اهو پنهنجا اهي اختيار وفاقي تعليم وزير کي منتقل ڪري سگهندو، ذريعن مطابق ترميمن سبب ايڇ اي سي جي اعليٰ سطحي باڊي ۾ صوبن جي نمائندگي ختم ٿيڻ سان صوبن ۾ اعليٰ تعليم سان لاڳاپيل فيصلن جو اختيار سڌو سنئون وفاقي حڪومت کي هڪ حاصل ٿي ويندو، ذريعن مطابق حڪومت ترميمي بل جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ قانون سازي بابت ڪابينا جي ڪاميٽي قانون ۽ پارلياماني مامرن واري وزارت کان ان حوالي سان تجويزون به گهري ورتيون آهن، ان بعد ان مسودي کي ڪابينا ۽ بعد ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو ته جيئن باقاعده طور تي قانون بڻجي سگهي. ذريعن موجب وائيس چانسلرز ڪاميٽي ۽ ايسوسي ايشن آف پرائيويٽ يونيورسٽيز پاڪستان پهريان ئي ڄاڻايل ترميمن جي مخالفت ٿي چڪي آهي ته اداري جي خودمختيار ڪردار کي محدود ڪنديون پر تجويز ڪيل ترميمون وفاق جي بنيادي اصولن جي به خلاف آهي، ذريعن مطابق ترميم ٿيل ايڇ اي سي آرڊيننس 2022ع نه صرف 2021ع  ۾ڪيل تحريڪ انصاف حڪومت جي ترميمن کي برقرار رکي ٿو.