ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 275 ۽ انٽر بينڪ ۾ 269.5 رپين تي پهچي ويو، جڏهن ته سون 210500 رپيا تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1000 رپيا واڌ سان 209500 مان 210500 رپيا في تولو ٿي ويو،  جڏهن ته  عالمي مارڪيٽ ۾ سون 4 ڊالرن جي لاٿ سان 1924 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي پڻ 50 رپيا واڌ سان 2200 مان 2250 رپيا تولو ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 6 رپيا اضافي سان 275 ۽ انٽربينڪ ۾ 6 رپيا 90 پئسا واڌ سان 269.5 رپين تي پهتو هو، واضح  رهي ته 3 ڪاروباري ڏهاڙن دوران  انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ 38.11 رپين جو اضافو ٿيو آهي، هوڏانهن پائونڊ 15 رپيا واڌ سان 316 مان 331 ۽ يورو ساڍا 11 رپين جي اضافي سان  278.5 مان 290 رپين تي پهتا هئا.