لاهور (انٽرسٽنگ نيوز) لاهور ۾ هڪ 12 سالن جي نينگريءَ موت جي کوهه ۾ موٽرسائيڪل هلائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. فاطمه نور نالي نينگري ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا موت سان کيڏندي آهي. موت جي ان راند ۾ هن ٻارڙيءَ جو والد به هن جو ساٿ ڏيندو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ڇوڪريون نوجوانن جي ڀيٽ ۾ ڊڄڻيون هونديون آهن ۽ خطرناڪ راند کيڏڻ کان ڊڄنديون آهن پر 12 سالن جي فاطمه نور ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ نوجوانن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهي. فاطمه نور موت جي کوهه ۾ موٽرسائيڪل هلائيندي آهي اهو به پنهنجي والد کي گڏ ويهاري يعني موت جي کوهه اندر ڊبل سواري ڪندي آهي. فاطمه نور جو تعلق پنجاب جي ضلعي قصور سان آهي. فاطمه نور جو چوڻ آهي ته 7 سالن جي عمر ۾ موٽرسائيڪل هلائڻ سکي، والد اسڪول موڪليندو هو پر منهنجي پڙهائي ۾ دل نه لڳندي هئي، منهنجو ڪوبه ڀاءُ نه هو، بس هڪ ننڍي ڀيڻ آهي، ان لاءِ مان پنهنجي والد جو ڪلهو ٿيڻ چاهيان ٿي، هر اهو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي جيڪو هڪ پٽ ڪندو آهي.