اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ 66 سرڪاري ملازمن نيب جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو انهن ۾ ڳڙهي ياسين تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريشن جا ملازم، ڳڙهي خيرو جي خوراڪ کاتي جا ملازم، خيرپور ميرس جي خوراڪ کاتي، خيرپور ٽائون ڪاميٽي جا ملازم شامل آهن، تفصيل موجب جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڳڙهي ياسين تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريشن ۾ سرڪاري خزاني جي خرد برد واري ڪيس ۾ نيب پاران نامزد ڪيل ملازمن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته خيرپور ميرس ۾ ڪڻڪ جي ٻورين ۾ ٿيل خرد برد ۾ نامزد ڪيل جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت وارين درخواستن تي ساڳئي بينچ ٻڌڻي ڪندي، ٻڌڻي 14 اپريل تي ٿيندي، ان حوالي سان جوابدارن پاران مقرر ڪيل مختلف وڪيلن ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ڪاز لسٽ مطابق ڪل 66 درخواست گذارن گرفتاري کان بچڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون آهن، ڳڙهي ياسين تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي جن ملازمن درخواستون ڏنيون آهن انهن ۾ طارق احمد، عبدالرشيد ملڪ، آغا اخلاق احمد خان، نور احمد، آصف اقبال، بلال خان، عنايت الله، عامر علي، طارق احمد پٺاڻ، غلام علي گوپانگ، جڏهن ته خيرپور ميرس ۾ ڪڻڪ جي ٻورين ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ نامزد ڪيل عبدالجبار شيخ، محمد سليم شيخ، عصمت الله، توقير احمد شيخ، ثناءُ الله ميمڻ، عبدالشڪور شيخ، محمد علي اڄڻ، ارشاد علي ڪلهوڙو ۽ ٻيا شامل آهن.