لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڊسڪا جي عوام کي پنهنجي نمائندي جو فيصلو ڪرڻو آهي، هنن جو هڪ اميدوار اليڪشن کٽي وفاقي وزير بڻجندو ۽ تڪ لاءِ هڪ ارب رپين جو پيڪج آڻيندو، سينيئر وزير عليم خان چيو ته آئون به احتساب جي عمل مان گذريس پر ڪابه شڪايت نه ڪئي، جهانگير ترين جون پي ٽي آءِ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هوڏانهن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس کان اڳ عليم خان سان دلچسپ مڪالمو ڪندي چيو ته پريس ڪانفرنس جي نقطن ۾ هڪ به ڪم جي شئي ناهي، سمورو ڪامورا شاهي وارو موقف آهي، هڪ لائين عوام جي به شامل ڪريو، هن ۾ ته ڪجهه به ناهي.