سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) آبپاشي کاتي ۾ چيف انجنيئرز سطح جي 17 آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون آهن، ڪوٽڙي بئراج کانسوا ءِ سنڌ جي 2 بئراجن ۽ ٻين شعبن جا 20 هين گريڊ جا آفيسر بدلي ٿيا آهن، گڊو جي چيف انجنيئر سيد سردار علي شاهه کي چيف انجنيئر سکر بئراج (ليفٽ) مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چيف انجنيئر فلڊ مينيجمينٽ حيدرآباد محمد اسحاق عباسي کي بدلي ڪري چيف انجنيئر گڊو بئراج مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل نائلا رحيم ابڙو کي چيف انجنيئر فلڊ مينيجمينٽ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. نثار احمد شيخ کي ويهين گريڊ ۾ ترقي ماڻڻ کانپوءِ چيف انجنيئر سکر بيراج رائٽ مقرر ڪيو ويو آهي. مقصود احمد شر چيف انجنيئر آر بي او ڊي کي بدلي ڪري آبپاشي کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري (ٽيڪنيڪل) مقرر ڪيو ويو آهي جتان جمال الدين مڱڻ کي وري پي ڊي آربي او ڊي مقرر ڪيو ويو آهي. شفقت حسين وڌو چيف انجنيئر ايڊوائيزر (ڊبليو ڊي سي) کي بدلي ڪري چيف انجنيئر سمال ڊيمز حيدرآباد طور مقرر ڪيو ويو آهي، جتي مقرر اڪرام الله قريشي کي چيف انجنيئر ڊولپمينٽ ريجن ون آبپاشي کاتو حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پريتم داس کي ايم ڊي سيڊا مقرر ڪيو ويو آهي. جتان ولي محمد نائچ کي هٽائي چيف انجنيئر ايڊوائيزر ڊبليو ڊي سي طور مقرر ڪيو ويو آهي.