ڄام نواز علي: مقتول الله بچايو جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري ۽ مبينا اغوا ٿيل مقتول جي ڀاءُ گلشير مگسي جي بازيابي لاءِ ميرپورخاص-نواب شاهه ريلوي چوڪ تي لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. نٽهڻ اس ۾ڇهه ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، مين روڊ بلاڪ هجڻ سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن سبب سخت گرمي ۾ مسافر پريشان ٿيندا رهيا. مقتول الله بچايو جي والد خيردين مگسي ۽ ماءُ سڀاڳي مگسي چيو ته قادربخش مگسي منهنجي هڪ پٽ گلشير مگسي کي هفتي کان اغوا ڪري قيد ڪيو آهي هنن ٻڌايو ته قتل ٿيل عورت ڊيلا مگسي پسند جي شادي لاءِ منهنجي پٽ الله بچايو سان پاڻ خوشيءَ سان وئي جنهن کي قادر بخش مگسي پنهنجي ساٿين جي مدد سان ڪارنهن جو الزام هڻي بي رحميءَ سان ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، حد جي پوليس به ساڻس ٻٽ بڻيل آهي. جوابدار ڌر پاران ڌمڪايو پيو وڃي ته ڪيس داخل ڪرايو ته اوهان جي ٻئي پٽ کي به قتل ڪنداسين. خدشو آهي ته ٻئي پٽ کي به قتل نه ڪيو ويو هجي. جڏهن ته ايس ايچ او نئون آباد ڊي ايس پي سنجهورو ڇهن ڪلاڪن بعد ڌرڻي ۾ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.