ڄام نوازعلي: نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجنو مگسي ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ ٻٽي قتل جي واقعي جي ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ايس ايس پي سانگهڙ جي حڪم تي واقعي واري ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او نئون آباد ٻڌايو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ايس ايس پي جي حڪم تي ڳوٺ ۾ پڪٽ قائم ڪري پوليس جي نفري مقرر ڪئي آهي، جيئن وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪي سگهجي. جوابدار ڌر پنهنجا گهر خالي ڪري ويا آهن. واقعي جي اڻڌري جاچ به ڪريون پيا، مبينا اغوا ڄاڻايل مغوي کي به جلد بازياب ڪرائي وٺنداسين.