لاهور (م ڊ) نواز ليگ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ فوري طور تي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نواز ليگ جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رانا ثناءُ الله، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ، خواجا سعد رفيق، حمزا شهباز، سينيئر اڳواڻ، وزيراعظم جا خاص مددگار ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي کي امڪاني طور ٽوڙڻ کي روڪڻ جي معاملي تي مشاورت ٿي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن جي پنجاب ۾ حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. ليگي اڳواڻن چيو ته وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ تيار آهيون، اعتماد جي ووٽ لاءِ گورنر جي سمري جو آپشن به موجود آهي ۽ گورنر ڪنهن به وقت اعتماد جي ووٽ لاءِ چئي سگهي ٿو.جڏهن ته ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب جي وڏي وزير خلاف هاڻ وقتي طور تي بي اعتمادي رٿ پيش نه ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ بابت گورنر طرفان هاڻ سمري به نه اماڻي ويندي. وزيراعظم شهبازشريف عمران خان پاران اليڪشن جي تاريخ لاءِ ڳالهين جي آڇ تي پارٽي جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اتحادين سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ نواز ليگ جو مشاورتي اجلاس اڄ لاهور ۾ گهرايو ويو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير ۽ سينيئر پارٽي قيادت شرڪت ڪندي، اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي حوالي سان مختلف آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويندو، اجلاس ۾ رانا ثناءُ الله سياسي ڪاميتي جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندو ۽ اتحادين سان ٿيندڙ مشاورت کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف اتحادين سان به عمران جي آڇ تي مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اڄ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن سان مشاورت ڪندو، شهبازشريف جو چوڻ آهي ته اتحادين سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪنداسين.