اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار آمريڪي سائفر معاملي جي اهم ڪردار ڊاڪٽر اسد مجيد کي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، 22 هين گريڊ جي آفيسر ڊاڪٽر اسد مجيد جو تعلق فارين سروسز پاڪستان سان آهي، هن وقت بيلجيم ۾ پاڪستاني سفير طور ڪم ڪندڙ اسد مجيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر هو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪا اسد مجيد ذريعي سندس حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، آمريڪا جي دفاع ۽ پرڏيهي معاملن جي کاتن اهڙي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو هو.وفاقي حڪومت ٻن مهينن کانپوءِ نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي.