نواز ليگ جو عدليه جي خلاف بيانيو ۽ ملڪ ۾ عام چونڊن جو چوٻول

0
105
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

  ملڪ جي اعليٰ عدليه تي تنقيد  ڪري ان جي فيصلن کي قبول نه ڪرڻ بغاوت جون ڌمڪيون ڏيڻ ڪا نئين روايت ناهي. حڪمران اشرافيه ھجي يا وري مخالف ڌر ھجي جڏهن به سندن خواھشن جي مطابق فيصلا اچڻ جي اميد گھٽ نظر ايندي آهي ته اڳواٽ سندرا ٻڌي جلسن جلوسن جي شڪل ۾ نڪري اچي فيصلا قبول نه ڪرڻ بغاوت جو اعلان ڪرڻ سان گڏ فزيڪل حملا ڪندا رھيا آھن. عمران خان جي اقتدار مان نڪرڻ کان وٺي ملڪ ڇڙواڳ ۽ بي مهار ھلي رھيو آھي جنھن جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪير به ناھي. ڪڏهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي نيوٽرل امپائر قرار ڏنو پيو وڃي ته وري ان امپائر کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن کين ديوار سان لڳايو ويو ته خاموش نه ويهنداسين. ھن وقت ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب جي اندر وڏي وزير جي چونڊ مسلسل تڪراري بنجڻ سان گڏوگڏ آئيني بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪي آھي. 22 جولائي جمعي ڏھاڙي شام جو پنجاب اسيمبلي ۾ حمزه شهباز ۽ چوڌري پرويز الاهي جي درميان ٿيل چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي خط کي لھرائيندي پرويز الاهي کي پي ٽي آئي ۽ ق ليگ جي اڪثريت سان مليل 186 ووٽن مان 10 ووٽن کي رد ڪندي 179 ووٽن سان حمزه شهباز کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو ته پي ٽي آئي ۽ چوڌري پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي رات جو سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چئلينج ڪندي فوري سماعت جي درخواست ڪري ڇڏي. جنھن جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنھنجي سربراهي ۾ ڇنڇر صبح جو 11 وڳي سماعت ڪندي ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري وڏي وزير حمزه شهباز ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل کي نوٽيس جاري ڪندي سماعت ساڳئي ڏينهن جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪندي ٻيھر سماعت ڪئي ته ڊپٽي اسپيڪر جي وڪيل عرفان قادر مھلت جي درخواست ڪري ڇڏي.

جڏهن ته پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو دفاع ڪندي چيو ته اعليٰ عدليه جي تازي فيصلي جي روشني ۾ وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڏنل رولنگ صحيح آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي  ۾بئنچ اڄ سومر صبح تائين سماعت ملتوي ڪندي حمزه شهباز جا اختيار محدود ڪندي کيس عارضي قرار ڏنو ته ھڪ طرف شھباز حڪومت ۾ شامل تمام اتحادين حمزه شهباز جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڏسندي گڏيل طور تي مطالبو ڪري ڇڏيو ته ان ڪيس جي ٻڌڻي فل ڪورٽ ڪري، ڇوته اھو انتھائي قومي ، سياسي ۽ آئيني معاملو آهي. ھوڏانھن وري نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز بئنچ تي اعتراض لڳائيندي چيو ته عدليه ڌمڪين ۾ اچي فيصلو ڏنو ته اھو قبول نه ڪنداسين.گھرو وزير رانا ثناءُالله چيو ته نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج نواز ليگ جا ڪيس نه ٻڌن، ساڳي طرح لبرٽي چونڪ تي وفاقي وزير سعد رفيق ۽ عطا تارڙ جلسي کي خطاب ڪندي عدليه کي تنقيد جو نشانو بڻايو. ھاڻي ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته نواز ليگ وارن جا آخر اعليٰ عدليه جي ججن سان بي رخي اختيار ڪرڻ جا ڪھڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ ان جو ھڪ جواب سامھون اچي ٿو ته عدليه سندن حق ۾ فيصلو ڪري ته ٺيڪ جيئن پھرين جولائي تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾بئنچ پي ٽي آئي جي درخواست تي حمزه شهباز کي 22 جولائي تائين وڏ وزارت جي ڪرسي تي ويھڻ جي حق۾ فيصلو ڏنو ھو ته نواز ليگ وارن عدليه جي فيصلي جي واکاڻ ڪئي.

ڇو ته ان وقت کين يقين ھو ته 17 جولائي تي پنجاب ۾20 سيٽن تي  ٿيندڙ ننڍي چونڊ  ۾ سندن اميدوار ڪامياب ٿي ويندا، ليڪن جڏهن 15 سيٽن تي پي ٽي آئي جي اميدوارن کي ڪاميابي حاصل ٿي ته ان وقت کان وٺي نواز ليگ جي قيادت کان وٺي اڳواڻن تائين بيانيو تبديل ٿي ويو. ھن وقت جڏهن سپريم ڪورٽ جي ججن جي ريمارڪس مان لڳي ٿو ته حمزه شهباز جي حق ۾ فيصلو ايندي نظر نه پيو اچي ته پھرين ئي اھو بيانيو شروع ڪري ڏنو آهي ته مخالفت ۾ فيصلو ايندو ته کين قبول نه ھوندو. نواز ليگ جو ماضي ان حوالي ڪنھن کان لڪل ناهي رھيو. 1997ع ۾  سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه سميت ڪيترن ئي ججن کي نه صرف چيمبر تائين محدود ڪري ڇڏيو بلڪه ساٿي ججن ذريعي سيد سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس جي عهدي تان ھٽائي ڇڏيو. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران  ڌمڪي وارا بيان ٻئي ڪنهن جا نه پر نواز ليگ وارن جا آھن. ھن وقت به نواز ليگ جو رويو ساڳيو ماضي وارو نظر اچي رهيو آهي ته کين جسٽس نسيم حسن شاهه ، رفيق تارڙ ۽ ملڪ قيوم جھڙا جج گھرجن باقي جسٽس سجاد علي شاهه ، جسٽس ثاقب نثار ، جسٽس گلزار احمد ، جسٽس آصف سعيد کوسي سميت اھڙا جج نه کپن جيڪي انصاف جون تقاضائون پوريون ڪندي فيصلو ڪن.

حمزه شهباز جي وڏ وزارت جي حوالي سان اڄ سومر ڏھاڙي تي يا وري ايندڙ ھڪ اڌ ڏينهن جي اندر قسمت جو فيصلو اچي ويندو ليڪن ملڪ جي معاشي بحران واري ڪيفيت توڙي آئيني بحران ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي. عمران خان کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي اقتدار مان فارغ ڪرڻ وقت 12 کان وڌيڪ جماعتن اقتدار ۾ ايندي دعويٰ ڪئي ته امپائر نيوٽرل ٿي ويو آهي. ملڪ کي معاشي ڏيوالي مان ڪڍي ترقي طرف وٺي وينداسين ۽ چونڊون مقرر وقت تي جڏهن چاھينداسين ڪرائي وٺنداسين. ليڪن کين ان ڳالهه جي ڄاڻ نه هئي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو امپائر ڪيترو نيوٽرل امپائر ٿي سگهي ٿو جنھن کي عمران خان جانور سان لقب قرار ڏنو ھو. ھاڻي جڏھن ھلندڙ سال آڪٽوبر ۾ عام چونڊن جو ذڪر سامھون آيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ان اسٽيبلشمينٽ ۽ نيوٽرل امپائر تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته حڪومت کي چيو پيو وڃي ته اسان جي ھدايتن تي ھلو نه ته بحران پيدا ڪنداسين. جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان جي بيان سان اتفاق ڪجي ته پوءِ حڪومت جي قيادت ڪندڙ شھباز شريف کي به سامھون اچي وضاحت ڪرڻ کپي ته  کانئن ڪھڙا شرط قبول ڪرائڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون پيون وڃن. ان اسٽيبلشمينٽ کي اھي اتحادي بي اعتمادي جي رٿ وقت غير جانبدار قرار ڏيندي ٿڪبا نه ھئا ۽ اسٽيبلشمينٽ جا گيت ڳائي رهيا ھئا. ھاڻي جڏھن کين محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جي طاقتور قوتن سڌي يا اڻ سڌي طرح فيصلو ڪري ورتو آهي ته ملڪ کي معاشي ڏيوالي مان ڪڍڻ جو ھڪ ئي رستو سياسي پارٽين ۾ ڳالهيون ڪرائي عام چونڊن طرف وٺي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو ته هاڻي وري اهي نيوٽرل نه ٿا لڳن.انھي حوالي سان صدر عارف علوي جيڪو پي ٽي آئي جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ خاموشي اختيار ڪئي هئي ان به آخر ڪار چپ جو روزو ٽوڙيندي ملڪ ۾ نئين حڪومت جي قيام جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي سندس موقف آھي ته جمھوريت ، ميڊيا ۽ اسٽيبلشمينٽ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

مون ڪيئي موقعن تي ھتي پنھجي ڪالمن ۾ عمران خان جي خطرناڪ ثابت ٿيڻ جي حوالي سان ڪافي دفعا ذڪر ڪيو آهي ته عمران خان جي دعويٰ مطابق ھو ڪيترو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.  ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھڪ طرف 12 کان وڌيڪ جماعتون حڪومت ۾ ھئڻ جي باوجود عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو قرار ڏئي رهيون آهن جڏهن ته مولانا فضل الرحمان حڪومت کان عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھيو آھي. مولانا فضل الرحمان کان اھو سوال ڪرڻ گھرجي ته حڪومت ۾ ھوندي اھو مطالبو ڪنھن کان ڪيو پيو وڃي؟ جيڪڏهن واقعي شھباز حڪومت جا ھٿ ايترا ٻڌل آھن ته پوءِ اھڙي اقتدار جو ڪھڙو فائدو جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد ۽ سياسي لوٽن جي وفاداري تبديل ڪري دھل دمامن سان ورتو ويو. ملڪ جي سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته عمران خان کي جيڪا عوامي موٽ ملي ان جو بنيادي سبب اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ گھر ۾ ويھڻ بجاءِ عوام سان رابطو ڪندي ھڪ ئي وقت ھن حڪومت سان گڏ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کان وٺي اليڪشن ڪميشن جي اداري کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ آهي جيڪو بيانيو عوام ۾ مقبول ٿيندي کيس اھڙي موٽ ڏياري ڇڏي آهي جو جيڪڏهن عمران خان چاھي به ته گھر ۾ ويھي رھي پر کيس ان ڳالهه جي پڪ آھي ته عوام کيس گھر ۾ ويھڻ نه ڏيندو بلڪه جيڪي جھنڊو کڻي نڪتو آهي ان کي منزل تائين رسائڻ کان بغير خاموش نه ويهندو.