عورتن تي ٿيل تشدد ڇا جو پيغام آھي؟

0
169
رشتن-جو-احساس-۽-صحتمند-سماج

 عورتن جي حَوالي سان سنڌ جو ماضي ڏاڍو خوبصورت ملي ٿو! جنھن ۾ سرڪار ته ٺھيو پر،عام زندگي ۾ به مردن پاران عورتن جي جياپي جو خيال رکڻ سميت عورتن کي ھر لحاظ سان وڏي احترام ۽ عزت جي نگاھه سان ڏٺو ويندو ھو، حالانڪه  تنھن وقت ۾ ته سنڌ ۾ تعليم جو رجحان تمام گھٽ ھوندو ھو پر تنھن وقت ۾ مرداني سماج اڳيان پڙھيل توڙي اَڻپڙھيل مردن پاران عورتن جي اصلاح،رھنمائي  ڪرڻ سميت ھر موڙ تي عورتن جو احترام ڪرڻ عام روايت ھوندي ھئي. سنڌ ۾  ثقافتي، تھذيبي حوالي سان به عورتن جو وقار بلند آھي. ادب جي دنيا ۾ به عورتن جي پنھنجي حيثيت آھي. سنڌ جو مھان دانشور ۽ شاعر شيخ اياز ڪنھن ھنڌ لکي ٿو ته عورتون مردن جي برابر آھن، ساڳي سٽن ۾ لکي ٿو ته عورتون مردن کان وڌيڪ حق رکن ٿيون! بلڪل، انھن سڀني شين،۽ ڏاھن جي فڪر جي ابتڙ ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ عورتون ڪيترن ئي پريشانين سبب ذھني معذور بڻجنديون رھن ٿيون، جنھن جو اھم ڪارڻ مردن اڳيان عورتن کي نظر انداز ڪرڻ آھي. ڏک انھي ڳالھه جو  ٿئي ٿو جو ھن جديد دؤر ۾ سنڌ جتي تعليم جي لحاظ کان به اڳ کان ڪافي بھتر آھي پر پوءِ به سنڌ ۾ عورتون مظلوميت جي روپ ۾ نظر اچن ٿيون! عام ماڻھو ته ٺھيو پر سنڌ ۾ ھاڻي ته ماڳهين حڪومتي سطح تي به عورتن جي عزت مجروح ٿيندي رھي ٿي! سوچجي ته اھڙي سماج ۾ باقي بچي به ڇا ٿو؟ حقيقت کي ڏسبو ته واقعي ئي عورتون ھن سماج جو اھم ٿَنب ھجن ٿيون، ھر سڌريل سماج ۾ انھي سماج  جي سڌاري جو راز پَرکڻو ھجي ته اتي جي عورتن جي عام زندگي کي ڏسجي ۽ منھنجي خيال ۾ ھر سڌريل سماج جي سڌاري جو اھم راز عورت کي برابري جي بنياد تي رکڻ ۽ کين جديد سھولتن سان آراسته ڪرڻ سميت کين عزت جي نگاھه سان سندن تقدس جو خيال رکڻ ئي ٿي سگھي ٿو.

  اڄ جي ھن آرٽيڪل جي مَتن ۾ سنڌ جي عورتن سان گڏ استادن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھان ٿي، ڏٺو وڃي دنيا ۾ استاد جي به وڏي اھميت ھجي ٿي جيئن حضرت علي رضه  جن فرمائين ٿا ته جنھن مون کي ھڪ لفظ سيکاريو اھو منھنجو استاد بڻجي ويو. اھڙي طرح چون ٿا ته اھڙا ڪافي ملڪ جن ۾ جڏھن ڪو استاد جوابدار طور ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو آھي، تڏھن سندس پيشي کان واقفڪار وڪيل يا ججز استاد ھئڻ ناتي اٿي بيھي سلام پيش ڪندا آھن! ڇو جو دنيا ۾ ماءَ پيءُ کان پوءِ جيڪڏھن ھَستي آھي ته اھو استاد آھي جنھن کان شاگردن کي شروعاتي تربيت ملي ٿي. پر، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڻ وٽ استاد جي اھميت يا عزت ٽَڪي جي سمجھي کين ويتر بيعزتو ڪيو وڃي ٿو! تنھن جو مثال: ڪجھه عرصو اڳ جڏھن اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي پاس سنڌ جي استادن پاران سنڌ اسيمبلي اڳيان احتجاج ڪيو ويو ھو تڏھن به پوليس پاران مٿن شيلنگ،آنسو گيس جا گولا ۽ رَٻڙ جون گوليون پڻ وَسايون ويون ھيون. اھڙي طرح ساڳي اھڙي ئي حالت موجوده وقت ۾ سنڌ جي ليڊي ٽيچرز جي به ڪئي وئي! احتجاج ته جمھوري حق ھجي ٿو پر، موجوده حڪومت ته جمھوريت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. مطالبن جي مڃتا لاءِ جڏھن سنڌ جي عورتن احتجاج ڪيو تڏھن سوشل ميڊيا مطابق ته ھڪ عورت  جا تشدد ۾ ڪپڙا به ڦاٽي پيا! ايترو ظلم جنھن ۾ انسانيت جو ڪَنڌ به جھڪي پوي ٿو! ۽ اھو ظلم وري ڪنھن اڻپڙھيل،جاھل نه پر  قانون لاڳو ڪندڙ ماڻھن پاران  ٿئي جيڪي سڀ پڙھيل لکيل ھجن ! انکان وڌيڪ ٻيو ظلم آئون ڀانئيان  ٿي نٿو ٿي سگھي! مرد يا وري ليڊي پوليس پاران حڪومت جي اھڙن حڪمن جي پوئيواري ڪرڻ کان اڳ اھي ٻه شيون لازمي سوچڻ گھرجن ته سندن به ڪي استاد ھوندا پاڻ به ته استادن وٽ پڙھيا،پڙھيون ھونديون ۽ ٻيو خاص طور تي عورتن تي تشدد کان پھرين ته اھو به سوچڻ انتھائي ضرور ھجي ٿو ته عورتن تي تشدد اھو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگھي؟ جيڪي عورتون ڪنھن ناجائز نه پر پنھنجن جائز حقن جي پاسداري نه ٿيڻ ڪري گڏ ٿيون ھيون! انھن سان ايڏو ظلم! ڇا عورتن جي بيگناھه تذليل ڪرڻ  ڪھڙي قانون ۾ لکيل آھي؟ سنڌ جون عورتون ھونئن به ته سکيون سَتابيون ناھن،

ھلندڙ وقت ۾ سنڌ  ۾  عام عورت جي زندگي مفلوج،بيحسي، ڏاڍ،جَبر ۽ مايوسي جو شڪار آھي! مردن اڳيان عورتن جي ڪا به حيثيت اھميت بلڪل به نٿي ھجي. تعليمي معاملن ۾ به سنڌ ۾ شاگردياڻين سان مسئلا پيش اچن ٿا ته گھرو معاملن ۾ به عورتون تشدد سبب مظلوميت جو شڪار ٿينديون رھن ٿيون ! پر افسوس ھاڻي ته حڪومتي سطح تي به نياڻين جي زندگين ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين جو تَدارڪ ته ٺھيو پر ويتر سندن تي ڏَنڊا وسائي کين سرعام تَذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. اسانجو مذھب به ته ھر گز اھو نٿو سيکاري پوءِ آخر ھيترو ظلم اھو به عورتن  سان ڇو ؟ عورتن جي نالن تي ٺھندڙ تنظيمون يا کڻي انساني حقن جا ادارا سنڌ ۾ عورتن جي زندگي کي بھتر بنائڻ ۾ سَنجيده نظر نٿا اچن يا اڃا خبر ناھي ڪھڙين رڪاوٽن جي ڪري ھو عملي ميدان ۾ لنوائيندا رھن ٿا! ڏسجي ته سنڌ جو ساڃاهه وند طبقو جنھن ۾ سنڌ جون عورتون به شامل ھجن ٿيون، اديب، ليکڪ،دانشور، ھڙئي قَلمڪار سنڌ جي عورتن جي ٿيل ابتر زندگي تي گھڻا فڪر مند آھن اتي سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان ڪھڙو فڪر کڻي ٻوٽو ٻاريو آھي! گھڻي پريشاني ۽ حيرانگي واري ڪيفيت مان گذرندي لکڻو ٿو پوي ته ڪنھن به سماج جي سڌاري کي يقيني بنائڻ عورتن کي مردن جي برابر بيھارڻ سان ممڪن ھوندو آھي، جنھن حَوالي سان انھن سڀني شين کان سنڌ جي عورت مڪمل وانجھيل نظر اچي ٿي جيڪا نه رڳو عورتن  پر سماج سان به  وڏي ويڌن چئبي.