تخت لاھور جو تاج ۽ آصف علي زرداري

0
74
وحشي ۽ دردناڪ بڻجي ويل سماج

تخت لاھور جو تاج سجائڻ واري اليڪشن ۾ ھڪ دفعو وري حمزا شهباز ايئن کڻي چئجي ته معجزاتي طور يا اتفاقي طور تي  ڪاميابي حاصل ڪري سڄي پاڪستان جي عوام کي حيران پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته ھي ڇا ٿي ويو؟ اجلاس شروع ٿيڻ تائين ٻنھي پارٽين جا ميمبر پراعتماد نظر آيا ٻنھي طرفن کان ڪاميابي جون دعوائون ٿي رھيون ھيون پر ھي پاڪستان آهي جتي ڪا به شيءَ ناممڪن ناهي ۽ نه وري سياست ۾ ڪو حرف آخر آھي. بس جيئن سينيٽ چيئرمين شپ لاءِ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو ھو بلڪل اھڙي طرح ھاڻي به ڪجھه اھڙي صورتحال نظر اچي رهي هئي پر اچانڪ چوڌري شجاعت حسين جي خط جو ظاھر ٿيڻ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ته ھي ڇا ٿي ويو؟ بس ان خط کان پوءِ جيڪو ٿيو اھو سڄي ملڪ جي عوام چڱي طرح ڏسي رھي ھئي ته پاڪستان جي سياست ۾ ھي سڀ ڪجھه ڇا ٿي رهيو آهي. حمزا شهباز جي ڪاميابي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪا به شيءَ ناممڪن ناهي ۽ ڪيڏي مھل به ڪجھه به ٿي سگھي ٿو سو اھو في الحال ٿي ويو ۽ حمزا شهباز ٽن ووٽن جي برتري سان ڪاميابي حاصل ڪري ھڪ دفعو وري تخت لاھور جو تاج پنھنجي مٿي تي سجائي چڪو آهي. پر حقيقت ۾ ڪنھن کي به خبر ناهي ته ھي تاج ڪيتري وقت تائين حمزا شهباز وٽ محفوظ رھندو يا وري تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جو سھارو وٺي حمزا شهباز جي بادشاھت کي لوڏي ڇڏيندي، پر ان جو فيصلو اڄ يا سڀاڻي تائين ھڪ پاسي ٿي ويندو. منھنجي ذريعن جي ڄاڻ مطابق ھي ڪيس وري به سپريم ڪورٽ جي مٿي جو سور بڻجندو، جتي معزز جج صاحبان تخت لاھور جو فيصلو ڪندا ته اھي ڪنھن جي حق ۾ فيصلو ٿا ڪن.

امڪان آهن ته حمزا شهباز ڪورٽ سڳوري مان سرخرو ٿي آزاديءَ سان پنجاب تي حڪمراني ڪندو، باقي عمران خان جو روئڻ پٽڻ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ پنھنجي پڄاڻي تي پھچندو. ٻئي پاسي ڏسجي ته ان سڄي صورتحال کي ڏسڻ وارو يا حمزا شهباز کي ڪامياب ڪرڻ وارو مفاهمتي سياست جو بادشاھه آصف علي زرداري ھو جيڪو ٻن ڏينهن ۾ چوڌري شجاعت حسين سان 3 دفعا ملاقات ڪري حمزا شهباز جي حمايت لاءِ چوندو رھيو. وڏي ڳالھه ته ھر ملاقات جي اختتام کان پوءِ آصف زرداري صرف وڪٽري جو نشان ڏيکاري عام ماڻهن توڙي تجزيي نگارن اينڪر پرسن کي پريشان ڪندو رھيو ته ھي وڪٽري جو نشان ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ؟ جڏھن ته سندن ملاقاتن جا اصل تفصيل ميڊيا کان پري ۽ ڳجها رکيا ويا ته آخر چوڌري شجاعت حسين ڪھڙي اميدوار جي حمايت ڪري رهيو آهي؟ سڀني کي خبر تڏهن پئي جڏهن اوچتو خط ظاهر ٿيو جنھن حمزا شهباز جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھڪ اھو خط ھو جيڪو قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وٽ پھتو ھو جنھن عمران خان جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ھو ۽ ھڪ ھي خط ھو جيڪو پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وٽ پھتو، ان خط وري پرويز الاهي جي خوابن کي خاڪ ۾ ملائيندي عمران خان جي غرور کي تباھه ڪري ڇڏيو. ڪنھن زماني ۾ خطن جي وڏي اھميت ھوندي ھئي پر حقيقت ۾ ھاڻي پاڪستان جي سياست ۾ لفافي خط جي وڏي اھميت آهي.

ھڪ خط صوبي جي عوام جو بھتر فيصلو ڪري سگھي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي جمھوريت بھترين انتقام تي يقين رکي ٿي ان نعري کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ آصف علي زرداري حمزا شهباز کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو. ياد رهي ته جڏهن آصف زرداري چاھيو ته پرويز الاهي ڊپٽي وزيراعظم بڻجي ويو جيڪڏهن ناراض ٿيو ته ساڳيو پرويز الاهي اڪثريت جي ھوندي وزيراعليٰ نه بڻجي سگهيو. مطلب ته پيپلز پارٽي سياسي انتقام وٺڻ جي بجاءِ جمھوري طريقي سان انتقام وٺندي آهي جيئن ڪجھه مھينا پھرين سينيٽ چيئرمين شپ جي اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني اڪثريت جي باوجود ھارائي ويو هو ۽ ھاڻي وري آصف علي زرداري پنھنجي معزز ميمبر جو عمران خان کان بدلو وٺندي کين اڪثريت ھوندي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ نتيجن سان آصف زرداري جي مفاهمتي پاليسين نه رڳو مخالفن کي حيران ڪيو آهي پر حقيقت ۾ تجزيه نگارن جا تبصرا به دم ٽوڙي ويا ته ھڪ نواب شاھه جي سنڌي سياستدان تخت لاھور جا فيصلا ڪري سڄي ملڪ جي عوام کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آھن. پنجاب جي وزيراعليٰ جي چونڊ ھڪ دفعو وري ثابت ڪري ڇڏيو ته سياست جو حقيقي امام ۽ مفاهمت جو بادشاھه سياستدان آصف علي زرداري آهي، ان کان علاوه پاڪستان جي سياست ڪجھه به نه آهي، سچي ڳالھه آهي ته سندس سياست کي سمجھڻ لاءِ وڏن وڏن سياستدانن کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي ضرورت آھي.

[email protected]