وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ٻاهر آهي ۽ 179 ووٽن وارو وڏو وزير آهي، حمزا کي وڏو وزير برقرار رکڻ لاءِ جٽادار بنياد گهربل آهي: سپريم ڪورٽ

0
212
سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي
سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي

نوٽ: هن خبر جا تفصيل لائيو شامل ڪيا پيا وڃن
سپريم ڪورٽ چيو آهي ته وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ٻاهر آهي ۽ 179 ووٽن وارو وڏو وزير آهي، حمزا شهباز کي وڏو وزير برقرار رکڻ لاءِ جٽادار بنياد گهربل آهي
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته 5ججز جِي بينچ ذريعي اسان هڪ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو، تڏهن اوهان مٺايون ورهايون، اڄ ٻئي پاسي وڃي بيٺا آهيو، هي ڪو منجهيل معاملو ناهي
فُل ڪورٽ سنجيدا ۽ منجهيل معاملن ۾ جوڙي ويندي آهي، ڪيس ۾ هڪ ئي سوال آهي ته پارٽي سربراهه هدايت ڏئي سگهي ٿو يا نه؟
عدالت چيو ته فُل ڪورٽ سيپٽمبر ۾ ٺهِي سگهندِي، ڇا سڀ ڪم روڪي ڇڏيون؟
سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران فُل ڪورٽ جوڙڻ بابت وڪيلن جا دليل مڪمل ڪيا آهن
عدالت جي اُن کان اڳ واري ڪارروائي
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران ق ليگ جا 10 ووٽ رد ڪرڻ واري ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پرويز الاهي جي درخواست تي ڏيڍ ڪلاڪ جي وقفي کانپوءِ شروع ٿيل ٻڌڻي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وقفو ڪيو ويو آهي
عدالت پيپلز پارٽي ۽ چوڌري شجاعت حسين جون ڪيس ۾ ڌُر بڻجڻ بابت درخواستون منظور ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته فل ڪورٽ لاءِ اڃا وڌيڪ قانوني وضاحت جي ضرورت آهي
ان کان اڳ سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس تي ٻڌڻي لاءِ فُل ڪورٽ جوڙڻ بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾جُڙيل 3 رُڪني بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن
چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان وڃي مشاورت ڪنداسين ته موجوده بئنچ ٻڌڻي ڪري يا فُل ڪورٽ جوڙي وڃي، فيصلو شام ساڍا 5 وڳي ٻڌايو ويندو، ٻڌڻي ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو وقفو ڪريون ٿا
پنجاب جي وڏي وزير، ڊپٽي اسپيڪر ۽ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جي وڪيلن فُل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي هئي
سُپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي سمورين بارز طرفان آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس تي فُل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو
چيف جسٽس چيو ته آفريدي صاحب! هي ڪيس اسان جي آرٽيڪل 63 اي جي راءِ جي بُنياد تي آهي، هڪطرفو نه، پر سمورين ڌُرين کي ٻڌي فيصلو ڏيڻ چاهيون ٿا، 10 اڳوڻن صدرن جي چوڻ تي فيصلو نٿا ڪري سگهون
اُن کان اڳ چيف جسٽس ريمارڪس ڏناته بااختيار هجڻ ضروري آهي، پارٽي هيڊ جي آمريت برقرار رهڻ سان موروثي سياست جو رستو بند نه ٿيندو
چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته دليلن مان سمجهيا آهيون ته اسان جي فيصلي جي پيرا ون ون ٽو اهڙي آهي،جنهن تي ڪجهه ٿي سگهي ٿو
چيف جسٽس چيو ته پارٽي جي بُنيادي حقن جي ڳالهه ڪريو ته پوءِ ٻن قسمن جو ڪنٽرول سامهون اچي ٿو، هڪ پاسي پارٽي هيڊ اختيار استعمال ڪندي ووٽ نٿو ڏيڻ ڏئي، ٻئي پاسي ميمبرز پنهنجو ووٽ استعمال ڪرڻ گهرن ٿا
سپريم ڪورٽ چيو ته صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران اها ڳالهه ذهن ۾ آئي ته جمهوريت کي پارٽي هيڊ جي آمريت کان پاڪ رکڻ گهرجي
عدالت ريمارڪس ڏنا ته سياسي پارٽين جي سربراهن کي ميمبرز کي ٻڌڻو پوندو، اسان پارليامينٽ ميمبرز کان پارٽي سربراهه جي آمريت جي باري ۾ ٻڌو آهي
چيف جسٽس چيو ته ميمبرز جو آواز دٻائڻ کان بچڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو ڪردار هجڻ گهرجي