نصيرآباد (ن پ ا) نصير آباد ۾ پنجين سالياني سنڌ ڪاليج گيمز ۾ والي بال مقابلو ڊگري ڪاليج نصيرآباد جِي ميزباني ھيٺ ٿي گذريو. سيمي فائنل مقابلو  گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي بوائز ڊگري ڪاليج نئون ديرو وچ ۾ ٿيو، نئون ديرو ڪاليج جي ٽيم فاتح ٿي، فائينل ميچ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد  کي نئون ديرو ڪاليج کٽي والي بال جي چيمپئن بڻجي وئي.ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر اختر علي ڪلھوڙو چيو ته صحتمند معاشري لاءِ راندين جا مقابلا انتھائي اھميت وارا آھن. ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر احمد بخش ڀٽو، ڊائريڪٽرز فزيڪل ايجوڪيشن ظھور تينو، محمد محفوظ مڪاني، شفقت مڪاني ۽ ٻين فاتح ٽيمن ۾ ٽرافييون ۽ انعام تقسيم ڪيا.