ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي ٽاپ ماڊلز ۽ اداڪارائن  مهوش حيات ۽ ڪبريٰ خان جي درخواستن تي پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽  ايف آءِ اي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، پي ٽي اي جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تان  اعتراض جوڳو مواد هٽائي ڇڏيو آهي، باقي جيڪو مواد پرڏيهه مان ھٽائڻو آهي، انهي  لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا تي اعتراض جوڳو مواد اپ لوڊ ڪرڻ خلاف مهوش حيات ۽ ڪبريٰ  خان جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، ڇا مواد هٽايو ويو آهي؟ جنهن تي پبلڪ پراسيڪيوٽر جواب ڏيندي چيو ته مهوش حيات جو بيان ورتو ويو آهي، ڪبريٰ خان جو بيان باقي رھيل آھي، عدالت ۾ رپورٽ  پيش ڪندي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي جاچ آفيسر چيو ته پي ٽي اي کي مواد هٽائڻ جو چيو ويو آهي، لاڳاپيل مواد جلد هٽايو ويندو،  پي ٽي اي جواب جمع ڪرائيندي چيو ته ملڪ اندر اپ لوڊ ڪيل اعتراض جوڳو مواد ھٽايو ويو آهي، پرڏيهي مواد لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ويو آهي، عدالت پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي کان اڳڀرائي واري  رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.