اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ تازين مڪاني چونڊن جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي نئين سري سان چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو ته ڪراچي ۾ پهريان چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کان پوءِ مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. ڪراچي ۾ عوامي مينڊيٽ کي زبردستي ۽ ڌانڌلي سان چورايو ويو. ڌانڌلي چونڊن جي ڏينهن صبح جي ئي وقت شروع ٿي ويو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ امجد آفريدي ڌانڌلي جي وڊيو ٺاهي، امجد آفريدي وڊيو ۾ ٻڌايو ته ڪيئن هڪ هزار ووٽ پولنگ اسٽيشن آندا ويا. امجد آفريدي جي وڊيو تي ڌانڌلي ڪندڙن کي گرفتار نه ڪيو ويو. امجد آفريدي جنهن ڌانڌلي جا ثبوت ڏنا ان کي ئي گرفتار ڪيو ويو. امجد آفريدي ۽ ان جي ڀائرن کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بنايو ويو. امجد آفريدي جي ڀاءُ جي هڪ اک مڪمل طور تي ضايع ٿي وئي. هن ٻڌايو ته ڪراچي جي نتيجن ۾ دير ڇو ٿي؟ اليڪشن پهاڙن تي ته نه ٿي رهيا هئا. پر يونين ڪائونسل ۾ ٿي رهي هئي. چونڊ عملي تي پريشر وڌو ويو هو، اليڪشن ڪميشن ان سموري عمل ۾ بي وس نظر اچي رهيو آهي. سڀني کي نظر آيو ته مينڊيٽ چوري ٿي رهيو آهي ته انهن احتجاج ڪيو جڏهن عوام احتجاج ڪيو ته پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. پيپلز پارٽي جيڪا ڌانڌلي ڪئي ان تي ڪنهن به آواز نه اٿاريو جنهن ڌانڌلي تي احتجاج ڪيو ان کي تشدد جو نشانو بنايو ويو. اسد عمر چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ ڪراچي ۾ خوفناڪ راند کيڏي پئي وڃي. ڪراچي کي ڀت سان لڳايو ويو آدمشماري غلط ٿي، هي ڪراچي جي آبادي کي شمار ناهن ڪندا ڇو ته ان سان سنڌ اسيمبلي جي رزلٽ تبديل ٿي ويندي. ڊيجيٽل آدمشماري جو نالو نشان نظر نه پيو اچي. ڪراچي کي پنهنجي حقن موجب پئسا نه پيا ڏنا وڃن. سڀاڻي جيڪڏهن ڪراچي وارا بيهي رهندا ته انهن کي دهشتگرد چيو ويندو. ڪراچي جي عوام صوبي جي پارٽي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته 2023 عام چونڊن جو سال آهي اسان چونڊن جي تياري ڪري ورتي آهي، تحريڪ انصاف جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي معاهدي تي عمل نه پئي ڪري ۽ هو ضمانتين سان به مخاطب آهي. فاروق ستار ٿوري وڌيڪ همت ڪري اهو به ٻڌائي ته ضمانت ڏيندڙ ڪير هئا.؟ اسد عمر چيو ته ڪراچي جي عوام ڪنهن به صورت ۾ مقامي حڪومت جي نتيجن کي قبول نه ڪندي اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مقامي چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيو. اليڪشن ڪميشن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ۽ ڪراچي جي مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي نيون چونڊون ڪرائڻ گهرجن. پاڪستان تحريڪ انصاف ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اميدوارن جي نالا نه ڏيندي.