ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه جماعت اسلامي کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن  پ پ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو، اسان چوڙيون ناهن پاتيون، ڌرڻن ۽ مظاهرن کان ڊڄي ڪنهن کي پنهنجو مينڊينٽ پليٽ ۾ رکي نه ڏينداسين، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان کٽي ورتو آهي. ڪراچي ۾ عجيب تماشو لڳل آهي، هتي ڪجهه ماڻهو پڇن ٿا ته پيپلز پارٽي ايتري ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي؟  هن چيو ته عبدالستار افغاني جي ميئر ٿيڻ  وقت ڊڪٽيٽر ضياءَ  الحق جو دور هو، نعمت الله خان پڻ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سٽي ناظم بڻيو، هن چيو ته جماعت اسلامي سياست ڪري پر گڙٻڙ نه ڪري. ڪراچي جي امن لاءِ اسان ڪيتريون ميتون کنيون آهن، ڪراچي  بنگلاديش ۾ ته ناهي، اهو  سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ آهي هن چيو ته جماعت جو ڪراچي ۾ رڳو هڪ هڪ  ايم پي اي هو، کين ايترو مينڊيٽ ڪٿان کان مليو؟  هن چيو ته جماعت اسلامي پنهنجي قيادت کي سمجهائي اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ته احتجاج ڪنداسين.