ڪراچي: جي ڊي اي مڪاني اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ نئين سر مڪاني اليڪشن ڪرائي وڃي، ڪالهه جي ڊي اي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جي ڊي اي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، سيد زين شاهه، ايم پي ايز حسنين مرزا ۽ نند ڪمار گوڪلاڻي، سردار رحيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ٻنهي مرحلن ۾ ٿيل مڪاني اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن، هنن چيو ته پيپلزپارٽي ڌانڌلي ذريعي عوامي مينڊيٽ چورايو آهي، اسان نتيجن خلاف عدالت ۾ وينداسين.