ناڪام حڪمران جي ڪامياب حڪمراني

0
161
ناڪام حڪمران جي ڪامياب حڪمراني

  ڊجيٽل ۽ جديد دؤر جي ترقي يافته اليڪٽرانڪ مين اسٽريم توڙي سوشل ميڊيا جي هن ايڪيهين صدي ۾ ڪمال آھي  ان هڪ شخص جو جنهن سڄي ملڪ جي نظام، طاقتور اسٽيبلشمنٽ، سرگرم عدليه، ڀانت ڀانت جي سياسي جماعتن جي هر رنگ جي اڳواڻن کي هر روز جي نئين پر گذريل ڏينهن کان بدليل بيان جو محتاج بنائي ڇڏيو آھي. هر ڏينهن ڪو انٽرويو يا صحافين سان ملاقات جو احوال سموري ميڊيا تي ڇانيل هوندو آھي. 13 جماعتي اتحاد جا هٿ ٺوڪيا تجربيڪار ڪٿي نظر ئي نٿا اچن. صرف ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ ڏاڍن جي فيض کي ذريعو بنائي وڃي ملڪ جي اعليٰ ترين عهدي تي پهتو. بي اعتمادي ذريعي هٽايل حڪمران هيڪر صفا ترِ  پئجي ويندا آھن پر هن شخص پاڻ کي زيرو بدران هيرو بنائي سڀني گاگھه سياستدانن جي ڄڻ ته نڪ ۾ نوڙي وجھي ڇڏي آھي. ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي پر تسلسل سان ڪوڙ ڳالهائجي ٿو پوءِ به ان جو اثر وٺڻ کان ڪو به بچي نٿو سگهي. جنهن حقيقت جي هن سميت سڀني کي ڄاڻ به آھي.

                 سڀني کي خبر آھي ته پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جي واري واري سان قائم ٿيندڙ حڪومتن هلندي هڪ قسم جي يڪسانيت جو احساس هئڻ سان گڏ ٻنهي جماعتن جون پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ هڪٻئي خلاف ڪيل انتقامي ڪارروايون ڄڻ ته معمول بنجندو پئي ويو، جنهن مان عوام بيزار هو. ٻنهي جماعتن بابت جيڪو ٻيو وڌيڪ مضبوط  تاثر، طاقتور ڌرين  سگهاري ميڊيا ۽ جڊيشل ايڪٽِوِازم جي تعاون سان بنايو هو سو مالي بدعنواني ۽ خراب حڪمراني جو هو جيڪو ڪنهن حد تائين سچ به هو. انهن بهانن آڌار اصل مقصد ملڪ ۾ مضبوط ٻه  پارٽي سسٽم ۽ ان سان گڏ پارليماني جمهوري نظام کي سگهارو بنجڻ کان روڪڻ ھو. ڇو ته ايئن ٿيڻ سان اصل طاقتور ڌر، صنعتي شعبي جي چئن چڱن ۽ اتحادي مذھبي گروهن جي مستقل پر هڪٻئي سان ڳانڍاپيل مفادن کي ڇيهو رسڻ جو خوف رکيو ويٺي هوندي آھي. انهي شطرنج جي راند ۾ ٻنهي وڏين سياسي جماعتن کي مهري طور استعمال ڪيو ويو. پيپلز پارٽي پنهنجي خمير ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ پهرين پسند ٿي نٿي سگهي. ن ليگ سندن هٿ جو تراشيل بت هجڻ سبب جيتري تائين  “مين ڊڪٽيشن نهين لون گا” جهڙي ڪفرانِ نعمت نه ڪئي هئي اوتري تائين اکين تي هئي پر پوءِ اکين ۾ کٽڪڻ لڳي. نتيجي ۾ ڪنهن نئين مهري جي ڳولا جي نتيجي ۾ پراجيڪٽ عمران تي 2011ع کان باقاعده محنت شروع ٿي ويئي. ان منصوبي تي عمل ڪرڻ جو مقصد واڱڻ  وانگر هڪ شخص لاءِ وائي ته ۽ ٻين  لاءِ بادي جهڙو اثر پيدا ڪرڻ ھو.  پوءِ هو ان ڪم ۾ جنبي ويا. ميڊيا ۾ موجود وڏن ڊاڙي اينڪرس ۽ امير چينلز جون خدمتون حاصل ڪري ٻن مک جماعتن جي قيادتن، سياسي جماعتن ۽ جمهوريت جي ڪمزورين کي جائز کان وڌيڪ ناجائز طريقي سان بدنام ڪيو ويو. ٻئي پاسي هڪ Cowboy  کي سڄي دنيا ۾ ڀيل ڪندي به بي بها هيرو ۽ ايمانداري جو ديوتا بنائي پيش ڪري ان جو اميج ٺاهڻ  لاءِ لاڳيتي ڪوشش جاري رکي ويئي پر اها وڏي ڀل هئي. ڪردار جي ساک کان خالي ڪو به شخص باقي معاملات ۾ صادق ۽ امين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ گوئيبلز واري انداز ۾ لاڳيتي پروپيگنڊا پنهنجو اثر ته رکي ٿي. ان کان پوءِ بکئي پيٽ شهرين کي ڪٿان به ڪنهن سڻڀي گراھه جو آسرو ملندو ته هو دماغ کان وڌيڪ پيٽ جي شاهدي قبوليندا. پيپلز پارٽي 2008-13 ع واري پنهنجي مدت انهي پروپيگنڊا جي عروج جي زماني ۾ ڄڻ ته مکڻ جي سيخ پچائي پوري ڪئي. ملڪ جو صدر ۽ مسلح فوجن جو سپريم ڪمانڊر، پنهنجي فورسز جي خوف سبب وڏو عرصو خود ساخته جلاوطني تي مجبور ٿي پيو هو. ان طرح جون زيادتيون ڪندي 2017ع ۾ معاملو اچي پانامه ليڪس تي پهتو. جتي سوين ڪيسن مان انصاف جي نالي تي ايجنڊا تي عمل ڪندڙ منصفن صرف نواز شريف جو معاملو هٿ ۾ کڻي، جي آءِ ٽي ۽ مانيٽرنگ جج مقرر ڪرڻ جھڙيون جانبدارانه ڪارروايون ڪيون. جڏهن ڪجھه حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي سامهون ڏٺي ته بليڪ ڊڪشنري جو به سهارو ورتو ويو ته پٽ جي ڪمپني کان پگهار نه وٺڻ تي مستحڪم معيشت واري ملڪ جي وزير اعظم کي عهدي تان لاهي، پارٽي عهدي تان هٽائي، جيل موڪلي 2018ع ۾ پنهنجي منصوبي جي تڪميل لاءِ رستو هموار ڪيو ويو. رستو ايترو سؤلو پوءِ به نه هو. ان ڪري آر ٽي ايس کي ناڪام بنائي BAP جهڙيون پارٽيون خلقي، مصطفيٰ ڪمال جهڙن کان چپ جو روزو رکرائي، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وارن کي اقتدار مان سندن خصلتي خواهش مطابق داڻو وجهي ۽ پوءِ جھانگير ترين جو جهاز چنگچي سمجهي ٽيڪسي طور هلائي اليڪٽ ايبل کي آڻي انبار ڪري رکڻ کان پوءِ ممڪن بنايو ويو. ان سان سياسي لغت ۾ هائبرڊ نظام جو اضافو به ٿيو ۽ ساڳئي صفحي تي هجڻ جي ڀنڊي به هلڻ لڳي جنهن جو مقصد اڳ ۾ ئي مئل ن ليگ ۽ پ پ پ کي وڌيڪ هيسائڻ ھو.

عمران خان ساڍا ٽي سال کن طاقتور شخصن جي هٿ هيٺ قائم، طاقتور ترين ادارن جي آڌار تي حڪومت جي نالي تي بادشاهت ڪئي. جمهوريت جي نالي تي فاشسٽ حڪمران جو لهجو ۽ ڪردار ڏيکاريو. مخالف ڌر جي وجود کان انڪار ڪندي سڀني کي نه صرف چور ڊاڪو ۽ بي ايمان ڪوٺيو پر نالا وٺي کين جيلن ۾ موڪلڻ جا اعلان ڪري ڪافي حد تائين ان تي عمل به ڪيو. سڄو عرصو “ مين، مين ني، ميرا” جهڙن مغرور ضميرن سان بي ضميري ڪندي جنهن ڪمزور ۽ خراب حڪمراني جا مثال قائم ڪيا ويا ان سبب هن وقت ملڪ جي معاشي ۽ سياسي آزادي تاريخ جي خطرناڪ ترين موڙ تي اچي بيٺي آھي. ملڪ جا سڀ ادارا غلط استعمال ٿي پنهنجي ساک ۽ عزت وڃائي ويٺا آھن. طالبان جيڪي هڪ دفعو ختم ٿي وري طالبان خان جي دؤر جي پاليسين سبب ۽ سندس اجازت سان واپس پهچي چڪا آھن اهي ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرناڪ ٿيندا پيا وڃن. موجوده حڪومت پني سني ڪٿي ڪو سهڪار جو در کولي ٿي ته هي دادلي پٽ وانگر،  جيڪو گهڻو ڪري چريو به هوندو آھي  سو ڪو نئون ڦٽاڪو ڦاڙي ويهي رهي ٿو جيئن هاڻي جنيوا ڪانفرنس، گڏيل عرب امارات ۽ سعوديه کان ڪجھه سهڪار جا اعلان ٿيا ٻن اسيمبلين جي ٽوڙڻ جو اعلان به ڪيائين ۽ مردار ۽ مردود قرار ڏنل اسيمبلي ۾ نون مهينن کان پوءِ واپسي جو اظھار به ڪيو اٿس. اسان سڀ آھيون جو فرمانبدار ٻچن وانگر جيڪو بيان اچي ٿو ان تي بحث  ۽ پوءِ ان جو ٽوڙ ڪڍڻ جي بندوبست ۾ لڳي ٿا وڃون. اهو سندس ڪمال چئبو ڇو ته ساڳئي وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني حڪومتن جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي سڀني ٻٽاڪن جي ابتڙ تڏا ويڙھه ٿي ويئي آھي پر سڄي ميڊيا جو وڌيڪ ڌيان صرف سندس  بيانن تي هو. ڏاچي هڻي ڏھ ته توڏو هڻي تيرهن مثل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وري 35 -35 ڪري هاڻي تائين 80  کن مک ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪري خان جي نين چالن يا سرپرائيزز تي وڏا سرپرائيز ڏئي ڇڏيا. حڪومت وارا وڌيڪ استعيفائون منظور ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ وارا واپسي جو رستو ڳولڻ لاءِ اسپيڪر کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ايلاز ڪرڻ لاءِ ملاقات لاءِ آتا آھن. ڪهڙي منهن سان واپسي ڪبي، ڪو شرم ڪو حياءُ ته هجڻ گھرجي. ڪو به ادارو يا شخص، پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن، دفاعي ادارن/ ڳجهن ادارن جا سربراھه ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدار صرف تڏهن معتبر سمجهيا وڃن ٿا جڏهن جائز ناجائز سندن حمايت ڪندا هجن نه ته سڀني جي بي توقيري جنهن طرح گذريل نون مهينن دوران ٿيندي رهي آھي ان جي نتيجي ۾ سڀ ذميدار شخص هاڻي تائين قانون جي گرفت ۾ ھجڻ گھرجن ها. ڪيترا سنگين ڪيس ڪارروائي جي اڳڀري مرحلي ۾ ھوندي به انصاف جا ادارا بي لغام ۽ ڇڙواڳ شخصن جي ڊپ ۾ يا پنهنجي ناز برداري ڪرڻ جي سنگين گناھه جي ٻوجھه سبب فيصلو ڪري نه پيا سگهن. آئيني قانوني ادارن جا فيصلا صرف تڏهن مڃيا وڃن ٿا جڏهن فيصلو حق ۾ ھجي. بي گهر ٿيل پرويز الاهي چوي ٿو آئين مطابق هوندي به اليڪشن ڪميشن طرفان نامزد ڪيل نگران وزير اعليٰ کين قبول نه هوندو. پي ٽي آءِ وارا ۽ جماعت اسلامي ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن کي تڏهن مڃيندا جڏهن ميئر چونڊرائڻ لائق ٿيندا. خان بي بي سي کي  انٽرويو ۾ چوي ٿو آگسٽ ته پري آھي کانئن ته ٻه مهينا به صبر نه پيو ٿئي. هڪ پاسي اها تڪڙ ٻئي پاسي نتيجا تڏهن قبولبا جڏهن واضح اڪثريت سان چونڊون کٽيون. ٻي صورت ۾ وري نتيجا نه مڃبا ۽ وري نين چونڊن لاءِ احتجاج ڪري ڏيوالي نڪتل ملڪ جي بربادي جو پڪو بندوبست ڪبو.

 عمران خان ۽ سندن فوادن ۽ ترينن تسلسل سان ملڪ کي ڊيفالٽ تي پهچائڻ لاءِ ملڪ دشمن بيان به ڏنا ته عملي ڪوششون به ڪيون آھن. هاڻي لڳي ٿو سندن اها جدوجهد به ڪاميابي جي ويجهو آھي. عالمي بينڪ اعلانيل هڪ ارب ڏھه ڪروڙ جو قرض ايندڙ مالي سال تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آھي. آءِ ايم ايف سان هم آواز ٿيندي سعودي عرب به وڌيڪ امداد ۽ قرض ڏيڻ لاءِ معاشي سڌارن ۽ وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي جو شرط رکي ڇڏيو آھي. حڪومت به ڊار جي ناڪام اقتصادي پاليسين سبب، شھباز شريف جي نا اهل ۽ ڪمزور ترين ٻڏ تر سرڪار هاڻي گوڏا کوڙي سڀ شرط مڃڻ لاءِ  تيار آھي. مهانگائي،مفلسي، ٻوڏ ۽ مصيبت ماريل عوام وري وڌيڪ مهانگائي ۽ تڪليف لاءِ تيار ٿئي. اهو سڌارن وارو ڳٽ عمران خان جي برباد ڪيل معيشت واري ملڪ جون واڳون وٺندي اٺ مهينا اڳ ڪري ڇڏڻ ئي لازم هو. دير سبب اتحادين سياسي قيمت اڳ به ادا ڪئي ۽ هاڻي اسيمبلين جي ٽٽڻ واري ٽاڪوڙي کان پوءِ جيڪي به چونڊون ٿينديون ان ۾ ھي ڇڙوڇڙ اتحادي ۽ کنڀ کنڀ کٿل اختلافن جو شڪار نون ليگ پارٽي وارا وڌيڪ نقصان کائڻ لاءِ تيار رهن. مڙس هليا هئا سياست بدران رياست بچائڻ پر  نه پنهنجي سياست بچائي سگهيا ۽ نه ئي اڃا تائين قوم جي امانت رياست بچڻ جي اميد پيدا ٿي سگهي آھي. سابق حڪومت هلندي وزير اعظم سڀني سياستدانن کي چور چور چئي ۽ ملڪ مان مني لانڊرنگ ٿيڻ جو دهل وڄائيندي  دنيا ۾ ملڪ جي سڃاڻپ هڪ غير مستحڪم، دهشت پسند ۽ غير ذميوار ملڪ جي طور تي ڪرائيندو رهيو آھي. هاڻي ان جو ثمر  بربادي ۽ بي وسي جي صورت ۾ سامهون اچي چڪو آھي.

خان صاحب مارچ ۾ وري ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪري ڪو ممڻ مچائڻ جو منصوبو ٺاهيو آھي. معاشي بحران سبب عام چونڊون حڪومت توڙي رياست کي ممڪن نٿيون لڳن. اهو به يقين ناهي ته اليڪشن ٿي به وڃي ته به ملڪ کي انتشار ۽ ڇڪتاڻ جي مصيبت ۾ برقرار رکڻ جون خواهشمند قوتون انهن نتيجن کي ايتري تائين قبول ڪنديون جيتري تائين پي ٽي آءِ واضح اڪثريت حاصل نه ڪري وٺي. ان ڪري لازم آھي ته اليڪشن ڪميشن ۽ اعليٰ عدالتون توشا خانه، ٽيريان وائيٽ، فارين فنڊنگ ۽ عدالتي توهين وارن  Open & Shut  ڪيسن جا فيصلا ٻڌائي انتشار جي اصل سبب کي “انصاف” فراهم ڪن. سچ اهو آھي ته ويجهڙائي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناڪام سياسي مداخلت ۽ عدالتي فيصلن ۾ ٻاهرين مداخلت ۽ منشا مطابق فيصلن اچڻ جي انڪشافن کان پوءِ ملڪي عوام انصاف جي اميد رڳو رب ۾ رکيو ويٺي آھي. ذھن ۾ رهي ته لاڳيتي احتجاج ۽ دٻاءَ جي سڀني حربن جو سبب به انهن خطرناڪ فيصلن کي نه ٿيڻ ڏيڻ جي ناپاڪ منصوبي جو حصو سمجهيو پيو وڃي. ان ڪري ڪنهن ٻئي لاءِ نه ته به رياست جي بقا، پنهنجي ضمير لاءِ ۽ پنهنجي خدا جي واسطي لازمي پر  تڪڙا فيصلا ڪريو نه ته يوگوسلاويا،سوويت يونين، ڪوريا، ۽ ٻيا ڪيترا ملڪ اصل کان ايترا  ڪونه هئا. حڪومت هوندي جيڪڏهن حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي ته پوءِ ٻاهر رهي حڪومت ڪرڻ وارن جي بادشاهي جو خير!!