ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ اڃا سڌارو نه آيو

0
572

ڪراچي: ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ داخل ناليواري اداڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ اڃا سڌارو نه آيو، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته شبيران چنا جا 8 هيمو ڊائلاسز ٿي چڪا آهن

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته شبيران چنا اڃا وينٽيليٽر تي آهي، کيس وينٽيليٽر تان هٽائڻ بابت فيصلو سڀاڻي ڪيو ويندو

 اسپتال انتظاميا جي ذريعن موجب شبيران چنا جا ڦڦڙ ۽ گڙدا سخت متاثر ٿيل آهن، ٽريڪيو اسٽرومي ٽيسٽ باوجود سندس طبيعت ۾ سڌارو نه آيو آهي

اسپتال انتظاميا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نيفرالاجسٽ، اِي اَين ٽـِي سرجن ۽ ٻين ماهرن ڊاڪٽرز تي ٻڌل هڪ ٽيم علاج ڪري رهي آهي

ٻه هفتا اڳ قاضي احمد ويجهو روڊ حادثي ۾ سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا ٻن نياڻين زخمي ٿي پئي، هئي، آپا شبيران چنا جو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جي ناليواري اداڪارا شبيران چنا ٻن نياڻين سميت حادثي جو شڪار